Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / ڪراچي ۾ مختلف ضلعن ۾ ڀرتي ٿيل استادن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج، پوليس جي لٺبازي واٽر ڪينن جو استعمال ڪيترائي استاد زخمي

Powered by free wordpress themes

ڪراچي ۾ مختلف ضلعن ۾ ڀرتي ٿيل استادن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج، پوليس جي لٺبازي واٽر ڪينن جو استعمال ڪيترائي استاد زخمي

ڪراچي (بيورو) مختلف ضلعن ۾ تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيل استادن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. تعليم کاتي ۾ اڌر ڪيڊر، سنڌي لئنگويج ۽ ٻين مضمونن جي استادن گذريل 5 سالن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙ استادن چيو ته ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ باوجود 5 سالن کان پگهارن لاءِ رلايو پيو وڃي، جنهن ڪري هو بکون کاٽڻ تي مجبور  آهن. احتجاج ڪندڙ استادن چيو ته کين روڪيل پگهارون فوري طور تي ڏياري سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي. جڏهن ته استادن احتجاج دوران سي ايم هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس مٿن لاٺي چارج ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا، جن ۾ عورت ٽيچرز به شامل آهن.6

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

ملڪ ۾ افراتفري آهي، سياسي پارٽيون اندر کان کوکليون ٿي چڪيون آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نئون آپوزيشن ليڊر آڻڻ …