Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران آسٽريليا جي دوري دوران سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون

Powered by free wordpress themes

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران آسٽريليا جي دوري دوران سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون

راولپنڊي  (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏ تعليم ۽ صحت جي تعاون جي واڌ ٿيندي، جڏهن آسٽريليا جي سول ۽ عسڪري قيادت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ قرباني جي تعريف ڪئي آهي. آئي ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي آسٽريليا جي سرڪاري دوري دوران سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون، آرمي چيف آسٽريليا جي سينيٽ جي ڪميٽي دفاعي معاملن واري پرڏيهي اختيارن سان ملاقات ڪئي، ڪميٽي جي سربراهه ڊيوڊ فاسئي به ميمبرن سان گڏ هيو.  پاڪ فوج جي سربراهه جي آسٽريليا جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ايئر چيف مارشل مارڪ بنسڪن سان به ملاقات ڪئي ان موقعي تي سيڪريٽري ڊفينس  گريڪ موريارٽي ۽ ايئر چيف ايئر مارشل  ڪيون ڊيويس به موجود هيا، آرمي چيف جوائنٽ آپريشن ۽ پلاننگ هيڊڪوارٽرن جو دورو به ڪيو، آسٽريلين اسٽريٽجڪ پاليسي انسٽيٽِوٽ ۽ آفيس آف نيشنل اسيسمينٽ جي دوري دوران ڳالهه ٻول ڪئي. آسٽريليا جي سول ۽ عسڪري قيادت ٻئي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ ڪاميابي جي تعريف ڪندي پاڪستاني قوم ۽ فوجي قربانين جو اعتراف ڪيو. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته هو پاڪستان لاءَءِ آسٽريليا جي سٺن جذبن ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪ فوج جي سربرهه چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان مستقبل ۾ خاص طور تي تعليم ۽ سيڙپڪاري جي شعبن کي تعاون ۾ هٿي ملندي.07

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

ملڪ ۾ افراتفري آهي، سياسي پارٽيون اندر کان کوکليون ٿي چڪيون آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نئون آپوزيشن ليڊر آڻڻ …