Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / آمريڪا يا ڀارت کي علائقي ۾ پوليس مين بڻجڻ نه ڏينداسين: سينيٽ چيئرمين

Powered by free wordpress themes

آمريڪا يا ڀارت کي علائقي ۾ پوليس مين بڻجڻ نه ڏينداسين: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته آمريڪا يا ڀارت کي علائقي ۾ پوليس مين بڻجڻ نه ڏينداسين. هن اهي ريمارڪسڪ الهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ ڀارت ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دفاعي معاهدن جي حوالي سان التوا واري رٿ تي بحث دوران ڏنا. بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر عتيق شيخ چيو ته اهو دفاع جو معاملو آهي، اهو معاملو اڃا شايد شروعاتي مرحلن ۾ هجي، اسان کي ان معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته آمريڪا پاڪستان کي ڪائونٽر ڪرڻ جي لاءِ ڀارت کي سڀ ڪجهه ڏئي رهيو آهي، پاڪستان وٽ ڊرونز ۽ لاڳاپيل ٽيڪالاجي موجود آهي. سينيٽر عبدالقيوم چيو ته اها اسرائيل، آمريڪا ۽ ڀارت جي سازش آهي، ان لائيسنس جي ڪري ڀارت کي سيڪيورٽي ڪائونسل ميمبر بڻائڻ جو آواز اٿاريو پيو وڃي. سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته آمريڪا جي اڪثر پاليسين جو جهڪاءُ ڀارت طرف آهي، ڪنهن ٻئي ملڪ جي نظريي کي ڏسي دوستي نه ڪرڻ گهرجي پر پنهنجي مفادن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته بدقسمتي آهي جو ٻن وڏن ملڪن آمريڪا ۽ ڀارت جا حڪمران انتهاپسند آهن، ڪير نه ٿو ڄاڻي ته مودي جا هٿ رت سان رڱيل آهن، هڪ وقت هو ته آمريڪا مودي کي ويزا نه ڏيندو هو، آمريڪي شهري به هاڻي ٽرمپ کي پنهنجو صدر بڻائڻ تي پڇتائي رهيا هوندا، ٽرمپ به تمام وڏو انتهاپسند آهي.1

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …