Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / اڄ ڪلهه نواز شريف سياسي معذور آهي، امپائر جي آڱر تي يقين رکندڙ به مايوس آهي: نثار کهڙو

Powered by free wordpress themes

اڄ ڪلهه نواز شريف سياسي معذور آهي، امپائر جي آڱر تي يقين رکندڙ به مايوس آهي: نثار کهڙو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر ۽ خوراڪ واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ اسان ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرائي آهي، جنهن ڪري اڄ جمهوري فضا ۾ساهه کڻي رهي  آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه پ پ جي اڳواڻ سيد علي نواز شاهه جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس  ڪندي ڪيو. هن چيو ته ايندڙ سال چونڊن جو سال آهي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران عوامي رابطا مهم جاري آهي، ان ڏس ۾ 16 سيپٽمبر تي دادو ضلعي ۾ جلسو پڻ منعقد ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄڪلهه نوازشريف سياسي معذور آهي ۽ اسانجو ٻيو دوست جيڪو امپائر جي آڱر تي يقين رکي ٿو اهو به اڄڪلهه مايوس آهي. هن ملڪ جي تاريخ گواهه آهي ته ون يونٽ ٺهرائڻ وارا به سياسي طور معذور ٿي ويا ۽ جيڪو به جمهوري روين خلاف ويندو اهو معذور ٿي ويندو. صوبائي وزير چيو ته  برما جي مسلمانن کي سنڌ ۾آباد ڪرڻ واريون افواهون بي بي بنياد آهن. باقي برما ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم تي اسين سراپا احتجاج آهيون. هن چيو ته پ پ صوبي اندر تعليم، زراعت ۽ انفرااسٽڪچر جي شعبن جي ترقي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. عمران خان جي جلسي بابت سوال تي هن چيو ته  عمران خان لاهور کان مايوس ٿي سنڌ جو رخ ڪيو آهي پر هتي به کيس مايوسي ٿيندي ڇو ته ڪراچي ۾ محمود آباد ۾ پي ٽي آئي فقط 5 هزار ووٽ کنيا. هڪ سوال تي هن چيو ته ايم ڪيو ايم هاڻي سنڌ ۾ ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي. جڏهن ته شهري علائقن ۾ به سياسي تبديلي اچي رهي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان ماضي ۾ سياسي لاڳاپا رهيا آهن پر هينئر سندن سموري تنظيم ڇڙوڇڙ آهي.07

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

ملڪ ۾ افراتفري آهي، سياسي پارٽيون اندر کان کوکليون ٿي چڪيون آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نئون آپوزيشن ليڊر آڻڻ …