Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / حديبيه پيپرمل ڪيس ۾ شريف ڀائر ۽ فيملي ملوث آهي: شيخ رشيد

Powered by free wordpress themes

حديبيه پيپرمل ڪيس ۾ شريف ڀائر ۽ فيملي ملوث آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته حديبيا  پيپر مل ڪيس ۾ شريف ڀائر ۽ فيملي ملوث آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حديبيا پيپر مل ڪيس ۾ عوامي مسلم ليگ اڪيلي آهي اسانجي ڪيس ۾ پارٽي بڻايو ويو آهي، ان حوالي سان رات جو نوٽيس مليو ته سڌو لنڊن کان ڀڳو آيو. هن چيو ته حديبيا پيپر مل ڪيس شريف ڀائر ۽ فيملي ملوث آهن، عدالت کي چوندس ته نيب کان پڇي ته نيب ڇو پهرو نه ٿي ڏئي سگھي، جڏهن  ته نيب چيو ته حديبيا پيپر ملن جو ڪيس کولينداسين، ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ شيخ رشيد نيب جي خلاف درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي درخواست تي ٻڌڻي پنج رڪني بينچ ڪندو، درخواست ۾ چيو  ويو هو نيب عدالت کي حديبيا پيپر مل فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي، خاطري ڪرائي نيب جي چيئرمين اپيل داخل نه ڪري رهيو آهي. درخواست ڪندي اپيل ڪئي وئي ته نيب حديبيا پيپر مل فيصلي جي خلاف اپيل جو حڪم ڏنو وڃي. جڏهن ته نيب جي چيرمين ۽ پراسيڪيوٽر نيب جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.07

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …