Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / دهشتگرد گروپ انصار الشريعه تي جلد پابندي لڳائي ويندي: احسن اقبال

Powered by free wordpress themes

دهشتگرد گروپ انصار الشريعه تي جلد پابندي لڳائي ويندي: احسن اقبال

اسلام آباد(اي پي پي) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجه اظهار تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد گروپ انصار الشريعه تي جلد پابندي لڳائي ويندي. اربع ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حملي جي ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ باقي جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. گهرو وزير چيو ته اها اسان جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ جلد پوري گروپ جو نيٽ ورڪ ٽوڙڻ لاءِ پر عزم آهيون. هن چيو ته ڊي جي رينجرز ان واقعي جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت سمورين سياسي پارٽين کي سياسي آزادي حاصل آهي. جڏهن ته ڪنهن به تشڊد پسند گروپ يا پارٽي کي انارڪي پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. عوامي مرڪز اسلام آباد ۾ باهه جي واقعي کي افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته واقعي جي انڪوائري رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.07

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ، سڀاڻي فيصلو ٻڌائينداسين: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(اي پي پي)  اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت …