Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / سنڌ سرڪار عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي،صوبي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي:سيد محمد راشد شاهه راشدي

Powered by free wordpress themes

سنڌ سرڪار عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي،صوبي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي:سيد محمد راشد شاهه راشدي

پيرجوڳوٺ (رپورٽ؛ عبدالقدوس خلجي) فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ ۽ ايم پي اي سيد محمد راشد شاهه راشدي چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويئي آهي پوري سنڌ سميت خيرپور ضلعي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي ڏينهن ڏٺي جو پيرجوڳوٺ ۾ سوناري جي دڪان ۾ ڌاڙو منهنجي گهر ۾ ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهي، خيرپور ۾ وڌندڙ بدامني تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ڊي جي رينجرز فوري نوٽيس وٺن،هن اهڙو اظهار پنهنجي رهائشگاهه تي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جون شڪايتون ٻڌڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، سيد محمد راشد شاهه راشدي وڌيڪ چيو ته پوري سنڌ سميت خيرپور ضلعي ۾ڏوهاري وارداتن ۾ اضافو ٿيو آهي منشيات، جوا جا اڏا سرعام هلي رهيا آهن ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڪٿي به حڪومت جي رٽ نظر نه ٿي اچي عوام سخت پريشان ٿي ويو آهي، ايم پي اي سيد محمد راشد شاهه راشدي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ڊي جي رينجرز کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته في الفور نوٽيس وٺي پوري سنڌ خاص ڪري خيرپور ضلعي ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بدامنيءَ روڪڻ لاءِ قدم کڻن ۽ عوام جي جان ۽ مال کي تحفظ فراهم ڪرائين ته جيئن عوام ۾ ڦهليل بيچيني ختم ٿي سگهي، ان موقعي تي سيد سعادالله شاهه راشدي، سيد مصور شاهه راشدي، عبدالقدير ميمڻ، عمران قاضي ۽ ٻيا موجود هئا.03

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05AUG2016-webimage-muraad

ڪراچي جي ميگا رٿائن جي ٻئي مرحلي جي 14 رٿائن تي 15 ڊسمبر کان ڪم شروع ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري …