Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج،ايوان مان واڪ آئوٽ

Powered by free wordpress themes

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو احتجاج،ايوان مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد(م-ڊ)قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾سنڌ سميت ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ تي اپوزيشن ميمبرز واڪ آئوٽ ڪيو، پيپلزپارٽي جي ميمبرن چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي  آهي، عيد ڏهاڙن ۾ به لوڊشيڊنگ ڪئي وئي، اسپيڪر اياز صادق چيو ته پارلياماني پارٽي ۽ سيڪريٽري گڏ ويهي معاملو حل ڪري. قومي سيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، ميمبرز جي غير موجودگي تي اسپيڪر پاران ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن پاران ملڪ اندر جاري لوڊشيڊنگ تي ايوان ۾ گوڙ ڪري واڪ آئوٽ ڪيو ويو.اسپيڪر چيو ته دفاع واري وزرات طرفان قومي اسيمبلي ۾ جواب نه آيو آهي، ڇا مان نااهل ماڻهن جي ڪري جيڪي جواب نه ٿا ڏين، انهن جي ڪري اوهان کي يرغمال ڪئين بڻايا؟ لوڊشيڊنگ بابت توانائي واري وزير جو جواب اپوزيشن ميمبرن رد ڪري ڇڏيو، اعجاز جکراني چيو ته جواب تسليم ڪرڻ جوڳو نه آهي. توانائي واري وزير لکت ۾ جواب ڏنو ته 30 جون 2017 تائين گردشي قرض 379 ارب روپيا هئا، جڏهن ته 30 جون 2013 ۾ گردشي قرض 207 ارب رپين جا هئا. توانائي بابت وزارت چيو ته 30 جون 2013 تائين پاور سيڪٽر مان اوڳاڙيل رقم 411 ارب رپيا آهي، جڏهن ته 30 جون 2017 تائين پاور سيڪٽر ذريعي 729 ارب اوڳاڙي ٿي آهي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي پارن اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي ڌيان ڇڪائڻ وارو نوٽيس پيش ڪيو ويو. ڌيان ڇڪائڻ واري نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته افسوس ٿيندو آهي ۽ ترس ايندو آهي ته پارلياماني سيڪريٽري کي پنهنجي وزارت بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي.پيپلزپارٽي جي ميمبرن چيو ته اڳ 4 ڪلاڪ ۽ هاڻ 8 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ڳوٺن ۾ ته 12 ۽ شهرن ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته اعجاز جکراڻي اوهان مون تي قياس نه ڪيو، مان انگ اکرن موجب جواب ڏئي رهيو آهيان. شازيه مري چيو ته اوهان تي ترس نٿو کائي سگهجي، اوهان هڪ ڪم ڪيو،  صرف عوام تي قياس ڪيو. شازيه مري چيو ته بجلي تي 9 قسمن جا ٽيڪس ورتا پيا وڃن، جڏهن ته ٽرانسفارمر به عوام جي پيسن مان ئي لڳايو وڃي ٿو. بجلي ۽ پاڻي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته ان معاملي تي هدايت ڏئي چڪا آهيون، جتي به ٽرانسفارمر جا پيسا ورتا پيا وڃن، ان کان آگاهه ڪيو وڃي، وزارت ان خلاف قدم کڻندي. نواب يوسف ٽالپر چيو ته پاڻي ۽ بجلي وارا عهديدار پهرين پنهنجو گهر درست ڪن ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هن چيو ته ڪوٽڙي ۽ عمر ڪوٽ ۾ سئو سيڪڙو اوڳاڙي ٿي رهي آهي پر بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي ٿئي. نواب یوسف تالپور چيو ته سنڌ جي عوام سان تمام گهڻيون زيادتيون ٿي رهيون آهن. ڊپٽي اسپيڪر پارلياماني سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته پاڻي ۽ بجلي وارو وزير ملڪ کان ٻاهر آهي، واپس ايندي ميٽنگ رکي ويندي ۽ خدشا ختم ڪيا ويندا. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب سروس ٽربيونل ايڪٽ 1973ع ۾ وڌيڪ ترميم بل پيش ڪيو. تحريڪ انصاف جي شيرين مزاري ۽ پيپلزپارٽي جي نفيسه شاهه مخالف ڪئي.جڏهن ته  نفيسه شاهه چيو ته پاڪستان ۾ ٻارڙن جو قانون واضح نه آهي.03

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

ملڪ ۾ افراتفري آهي، سياسي پارٽيون اندر کان کوکليون ٿي چڪيون آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نئون آپوزيشن ليڊر آڻڻ …