Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي بهتر آهي: سيد مراد علي شاهه

Powered by free wordpress themes

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي بهتر آهي: سيد مراد علي شاهه

ٽنڊوالهيار (علي احمد خاصخيلي) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آءِ جي سنڌ جو معاملو هڪ فرد جو مسئلو ناهي، عدالتي فيصلي مطابق عمل ڪيو ويندو، خدشن تي مشاورت جاري آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽنڊوالهيار ۾ سرگوڌن اسپرٽ انسٽيٽيوٽ فار پروفيشنل ڊولپمينت جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چوڌري نثار جيڪو به ڪجھه چئي رهيو آهي ان جي کيس ڪابه ڄاڻ ناهي، ن ليگ وارا پنهنجا مسئلا پاڻ ئي حل ڪندا. وڏي وزير چيو ته آءِ جي سنڌ جو معاملو هڪ فرد جو اشو ناهي، عدالتي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا، خدشن تي مشاورت جاري آهي. هُن چيو ته اسڪولن ۾ تدريسي عمل بهتر بڻائڻ لاءِ استادن جي کوٽ کي ختم ڪيو ويندو ان لاءِ خانگي ادارن کان پڻ مدد ورتي پئي وڃي جيئن بهتر استاد فراهم ڪري تعليم جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو ته 2006ع کان اين ٽي ايس ذريعي جن به استادن کي نوڪريون مليون آهن انهن تعليم کي بهتر بڻايو آهي، تعليم جي بهتري ۾ استاد سان گڏ شاگرد جو به اهم ڪردار هوندو آهي. وڏي وزير ٽنڊو الهيار جي سول اسپتال ۽ راشد آباد اسڪول جو دورو ڪري لاڳاپيل عملدارن کان بريفنگ ورتي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ايس ايس ٽي پبلڪ اسڪول ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ اسڪول جي چيئرمين تسليم نوراني ايوارڊ ڏنو. آجياڻي واري تقريب ۾ ورڪس اينڊ سروس جو صوبائي وزير امداد پتافي، ضلعي چيئرمين ميون علي محمد ولهاري، ڊي سي رشيد احمد زرداري، ايس ايس پي شاهجھان پٺاڻ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.02

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05AUG2016-webimage-muraad

ڪراچي جي ميگا رٿائن جي ٻئي مرحلي جي 14 رٿائن تي 15 ڊسمبر کان ڪم شروع ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري …