Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / شريف خاندان پاناما ڪيس جي حتمي فيصلي ۾ 5 ججن جي ويهڻ تي اعتراض واري ڇڏيا، نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو گڏيل هو: سپريم ڪورٽ

Powered by free wordpress themes

شريف خاندان پاناما ڪيس جي حتمي فيصلي ۾ 5 ججن جي ويهڻ تي اعتراض واري ڇڏيا، نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو گڏيل هو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو/م ڊ  )سپريم ڪورٽ پاناماڪيس جي فيصلي خلاف شريف خاندان جي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي اڄ  تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نوازشريف جي نااهليءَ وارو فيصلو متفقه هو، ٽن ججز ڪٿي لکيو آهي ته ٻن ججز جو فيصلو رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ هليو ويو. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ شريف خاندان داخل نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ نوازشريف جو وڪيل خواجا حارث، جڏهن ته حسين، حسن ۽ مريم نواز جو وڪيل سلمان اڪرم راجا پيش ٿيا. نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو  ته سندس موڪل کي شوڪاز نوٽس ڏئي وضاحت جو موقعو ڏيڻ گھربو هو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته 20 اپريل جي فيصلي کي چئلنج نه ڪيو ويو، جنهن جو مطلب آهي ته انهي فيصلي کي تسليم ڪيو ويو. خواجه حارث چيو ته 20 اپريل واري اڪثريتي فيصلي کي تسليم ڪيو ويو آهي، ٻن ججن جو فيصلو اقليتي فيصلو هو، جنهن کي چئلنج ڪرڻ جو جواز نه هو. خواجا حارث چيو ته آرٽيڪل 62 ايف ون تحت نااهلي جو طريقيڪار الڳ آهي پر هتي عدالت نيب کي ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ساڳئي وقت فيصلو ڏيندڙ جج کي نگران جج بڻايو ويو آهي، ماضي ۾ انهي جو ڪو مثال نه ٿو ملي، نگران جج جي مقرري بنيادي حقن جي خلاف آهي. نوازشريف جي وڪيل چيو ته نيب کي ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ به قانون جي خلاف آهي. هن چيو ته ٽرائيل ڪورٽ کي آزادي سان ڪيس هلائڻ جو موقعو ملڻ گھرجي ها، ڇاڪاڻ جو اتان ئي ڪيس کي سپريم ڪورٽ ۾ اچڻو آهي، عدالتي فيصلي ۾ جي آئي ٽي جي ميمبرن جي تعريف نه ڪرڻ گھرجي ها. جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان واکاڻ ته اوهان جي به ڪئي آهي. خواجه حارث چيو ته منهنجي واکاڻ وارو جملو ڀلي هٽائي ڇڏيو، هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فريادي بڻجي وئي آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته ٽرائيل ڪورٽ ۾ شاهدن ۽ جي آءِ ٽي ميمبرن کان آڏي پڇا جو موقعو ڏنو ويندو، عدالت آزادي سان سمورن معاملن کي ڏسي فيصلو ڪندي. خواجه حارث اعتراض واريندي چيو ته ٻن ججن 28 جولاءِ واري فيصلي جي مختلف صحيحون ڪيون. خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته ڊڪشنري ۾ پگهار بابت تعريف موجود آهي ته اهو اثاثو هوندي آهي، جيڪا مالڪ جي قبضي هوندي آهي، نوازشريف جي نااهلي لاءِ موجوده طريقڪار کان هٽي ڪري فيصلو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ هن چيو ته قانون موجب اثاثا نه ٻڌائڻ تي اليڪشن ڪميشن چونڊ کي ڪالعدم ڪري سگهي ٿي، اسيمبلي ميمبر کي نااهل قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، ججز تقريرن ۽ بيانن جي آڌار تي نواز شريف کي نااهل ڪيو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن ڪنهن بينڪ ۾ پيسا آهن ته ڇا بينڪ جا هوندا، اوهان جا دليل درست نه آهن، جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏيندي چيو ته افتخار چيما کي اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو هو. عدالت خواجا حارث جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي اڄ  تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05AUG2016-webimage-muraad

ڪراچي جي ميگا رٿائن جي ٻئي مرحلي جي 14 رٿائن تي 15 ڊسمبر کان ڪم شروع ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري …