Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / فنڪشنل ليگ اڳواڻ حاجي خدا بخش راڄڙ جو ڀاءُ حاجي مبارڪ راڄڙ لاڏاڻو ڪري ويو

Powered by free wordpress themes

فنڪشنل ليگ اڳواڻ حاجي خدا بخش راڄڙ جو ڀاءُ حاجي مبارڪ راڄڙ لاڏاڻو ڪري ويو

سانگهڙ (رپورٽ: عاجز منگي) فنڪشنل مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ حُر جماعت جي اهم شخصيت اڳوڻي وفاقي وزير حاجي خدا بخش راڄڙ جي وڏو ڀاءُ اڳوڻي ايم اين اي غلام دستگير راڄڙ جي سئوٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن سکر عبدالرحمان راڄڙ جو والد حر جماعت جي اهم شخصيت حاجي مبارڪ راڄڙ ڪجھ وقت بيمار رهڻ بعد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڳوٺ حاجي پير بخش راڄڙ جي قبرستان ۾ مٽيءَ مان حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ وڏي تعداد ۾ حُر جماعت جي اهم شخصيتن، سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين، ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جن ۾ حُر جماعت جو چيف خليفو قادر بخش مڱريو، خليفو محمد رحيم هنڱورو، خليفو ولي محمد پهوڙ،  خليفو محمد قاسم مهر، ايم پي اي خليفو وريام فقير خاصخيلي، ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي، اڳوڻي وفاقي وزير خير محمد جوڻيجو، خان محمد مهر،  عبدالرزاق مڱريو،  فقير محمد اسماعيل مهر، بابر جوڻيجو،  جهانگير نظاماڻي، حاجي احمد علي نظاماڻي، علي جان مري، رشيد خان مري، پير بخش لاشاري، منظور وساڻ، ڇٽو فقير چانگ، تعليم کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر عبيد الله جتوئي، ايم ايس ايف جو مرڪزي اڳواڻ وقار جٽ، مبين درس، مراد علي نظاماڻي، معشوق علي نظاماڻي، وزير حسين مري، غلام علي مري، حامد علي لسڪاڻي، اڳوڻو تعلقي ناظم خدا بخش درس، محمد عارب مهر، محمد بخش خاصخيلي، امان الله شر، اسماعيل درس، احسن نظاماڻي، حاجي رحيم بخش راڄڙ، محمد علي راڄڙ، ڪريم بخش شر، محمد شريف شر، اسد جوڻيجو،  عطا محمد چانيهو، محمود جٽ، راجا شاهد، ممتاز غوري، سيٺ آسن داس، محمد سليمان خاصخيلي، مير علي خان مري، وڪيل ڀاڻوجو، حسن مري، پ پ اڳواڻ محمد حسن چانڊيو، معشوق چانڊيو، محمد خان چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو، فياض آرائين، نور محمد نظاماڻي، اسلم ميمڻ، ممتاز جتوئي، محمد يونس جتوئي، سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. جڏهن ته خليفو علي غلام نظاماڻي، سنڌ اسمبلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي، امير زمان نظاماڻي، سرائي سانوڻ خان نظاماڻي، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار امام الدين شوقين، اڳوڻي ايم اين اي لياقت مري تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي.6

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

03

قبوسعيد خان مان گم ٿيل ٻارڙي جو شاخ مان لاش هٿ

شهدادڪوٽ ( ڊر) قبو سعيد خان شهر مان ٻه ڏينهن اڳ اوچتو گم ٿي ويل …