Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / لولي ۽ ڳيچ جو مزاج رکندڙ علي گل سانگي

Powered by free wordpress themes

لولي ۽ ڳيچ جو مزاج رکندڙ علي گل سانگي

فقير محمد سنڌي:

لوڪ سنسڪرت لفظ آهي، جنھن جي معنى آهي ماڻهو يا عوام. شاعريءَ ۾ لوڪ گيت، ڳيچ يا ڳيئو به ڳائڻ جون صنفون آهن ۽ لوڪ گيتن جي نظم جو سٽاءُ سادو مگر دلپذير پڻ آهي. ”لوڪ گيت“ سنڌ جي ثقافت جو سچو سرمايو آهن. آفاق صديقي لوڪ گيت بابت چوي ٿوته ”لوڪ گيت ۾ ناچ جي پوري  ڪيفيت سمايل هوندي آهي، جو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان من جهومي ٿو اٿي ۽ ذهن ۾ خود ساز وڄڻ شروع ٿي ٿا وڃن.“، هن اهو به لکيو آهي ته شيخ اياز برصغير جي مڙني ٻولين مان هڪڙو ئي شاعر آهي جنھن لوڪ گيت کي به بحر وزن تي لکيو. لوڪ گيت جيڪي صنفون آهن تن ۾، لولي، باد ليئو، همرچو، سانوڻ ٽيج، ڪرهو، مڻهيار، مورو، سھرو، ڳاهه، همبوڇي، لوڪ ناچ، اوٺيئڙو، سنيھو، ڍاٽيئڙو، ڪانگڙو، لمڪيان ڙي لو، اڏڻ، ڳيچ، لاڏو، ڳاچ، موريو ۽ جمالو شامل آهن.

سنڌ ۾ علي گل سانگي اهو واحد لوڪ گيت جو شاعر آهي جنھن ”گجرپائي گج“ لوڪ گيتن ۾ الف کان ي تائين مڪمل طور تي ڪتاب شايع ڪرائي سنڌي قوم جي آڳنڌ تي رکيو آهي، جيڪو علي گل سانگيءَ جي زندگيءَ جو پنجون نمبر ڪتاب آهي. ان کان اڳ علي گل سانگيءَ جا چار ڪتاب منظر تي آيل آهن انهن ۾، 1. پپر ۾ پينگهه (1992ع)، 2.ڪنڌيءَ نسريا ڪانھن (1994ع)، 3.پيرين پنڌ ڪندياس (1995ع)، 4. نيڻ ڳالهائن ٿا (1997ع) شامل آهن.

سنڌ جو عظيم شاعر تاجل بيوس ”گُجر پائي گج“  جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته، علي گل سانگيءَ لوڪ يا عوامي رنگ جي شاعريءَ جي اوت اوتان ڪئي آهي. هونءَ ته علي گل سانگي آهي ئي عوامي رنگ ڍنگ جو شاعر، پر هن ڪتاب ۾ لوڪ گيتن تي طبع آزمائي ڪئي اٿائين جا صنف سنڌ واسين جي هندي گيتن وانگر صديون پراڻو ورثو آهي، جنھن کان پوءِ معياري يا سڌاري لکيل گيت لکيا ويا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته، لوڪ گيت عوامي شاعريءَ جا خيابان آهن، جن ۾ ڪيئي ٻھڪندڙ ٻوٽا نظر اچن ٿا ۽ هر ٻوٽي جي رونق نرالي آهي.

علي گل سانگي 14-سيپٽمبر 1952ع تي لاڙڪاڻي شھر ويجهو دودائي ڳوٺ ۾ روشن علي سانگي جي گهر جنم ورتو. ان وقت ڪنھن کي به اها پروڙ ڪونه هئي ته هي ننڍو ٻالڪ سڀاڻي جو عوامي شاعر ۽ سماج سڌارڪ ٿي پنھنجي قوم جي آڏو نروار ٿيندو.  جيڪو به انسان آهي اهو پنھنجي معاشري مان علم ۽ سبق حاصل ڪندو آهي، پوءِ ئي پنھنجي زندگيءَ جي سفر کي ڪجهه آسان بڻائڻ ۾ ڪامياب ويندو آهي. علي گل سانگي پرائمري جا پنج درجا پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري سگهيو، ايئن ئي ڪجهه ڏکيائين کي منھن ڏيندي بي.اي به پاس ڪري ورتائين، ننڍي عمر ۾ علي گل سانگيءَ کي تمام گهڻيون تڪليفون درپيش آيون، خاص ڪري دودائي جي تر ۾ ذاتي جهيڙا علي گل جي روح کي پئي رهنڊيون مليون، پوءِ به هن مانجهي مڙس ڪڏهن به هارَ ڪونه مڃي، هر موڙ تي سڀني سان مقابلو ڪندي پنھنجي زندگيءَ جا ڏينھن پورا ڪري، پنھنجن لاءِ تمام وڏو سبق، اتساهه ۽ راهه هموار ڪري ويو.

علي گل سانگي پنھنجي شاعريءَ کي سولي ٻوليءَ ۾ سمايو ۽ موسيقيءَ جو رنگ وٽس ميٺاج کان وڌيڪ موجود هيو، جنھن جي ڪري علي گل سانگي جهر جهنگ ۾ مقبول ۽ ٻڌو ويندڙ شاعر آهي. علي گل سانگي شاعر سان گڏوگڏ، سياسي ۽ صحافتي ڌر سان به سلهاڙيل رهيو. ڪڏهن به علي گل سانگي کان سوال ڪبو هو ته ان ۾ سچ جو عنصر به وڌيڪ شامل رهندو هو. هڪ دفعي علي گل سانگي سان پريس ڪلب لاڙڪاڻو ۾ ڪچھري ٿي جڏهن هو پريس ڪلب جو صدر هو، ڪچھريءَ ۾ شامل غلام عباس لاکو، مير بھادر مھر ۽ آءٌ به موجود هيس ته غلام عباس لاکي، علي گل سانگيءَ کان اهو سوال ڪيو ته ”سائين هيءُ ڪلام ڪھڙي خيال کان لکيو اٿو، ڪلام جو آخري بيت آهي ته علي گل سانگي مري ئي نٿو، ان کي مان ڇا ڪيان“، منظور سخيراڻيءَ جو آواز آهي. علي سانگي ايتري سمجهداريءَ سان ۽ سچ جي بنياد تي جواب ڏنو ته، تر جا ڪافي اهڙا پيرسن ماڻهو مون کي چوندا آهن، تر جا ڪافي جهيڙاڪار نالي وارا مري ويا، پر علي گل سانگي اڃا جيئرو آهي.“ چيم ته ”رب ٿو پيو جيئاري ان کي مان ڇا ڪيان“ اهو ان پسمنظر ۾ لکيل آهي.

علي گل سانگيءَ جي ٻئي ڪتاب ”ڪنڌيءَ نسريا ڪانھن“ جي مھاڳ ۾ تخليقي سفر ۾ تيز وکن کڻڻ تي اسان جي پياري شاعر غفار تبسم، خليل جبران جون هيٺيون سٽون لکي، علي گل سانگي کي داد ڏنو آهي.

”اي ڪوهيڙا هاڻي تون ۽ مان گڏجي سمنڊ مٿان ترنداسين، هاڻي تنھنجو ۽ منھنجو ساٿ آهي، هاڻي توکي صبح جا نرم ۽ نازڪ هٿ باغ ۾ موتين جھڙي شفاف ماڪ ڦڙن وارو، روپ وٺي، گلن جي هنج ۾ وجهي ڇڏيندا ۽ مان ڪنھن عورت جي ڇاتيءَ تي ڪنڌڙ ننڍڙي ابھم ٻار جيان ٻھڪي رهيو هوندس.“

”لولي ۽ ڳيچ“ عورت ذات جي تخليقي صلاحيتن ۽ جذباتي عڪاسين جو مظھر آهن.

مومل ماڙيون ويٺي ساڙي، راڻا تنھنجي لاري،

راڻا تنھنجي لاري،

ويٺي دڳ نھاري.

(گجر پائي گج ۾ ص:218)

”لوڪ گيت سڀ جي پسنديده صنف آهي، لوڪ گيت جيترو مردن وٽ مقبول آهي، اوترو عورتن لاءِ به اثر رکي ٿو.

ادا ڙي جَتَ اوٺيئڙا، تون لاڙ مھارَ اُٺن جي،

اُتي بيھار قطار اٺن جي،

هل وٺيون مونکي لاڙ ڏي،

جِتِ مارو مٺا تنھن پار ڏي.

(گجر پائي گج ۾ ص:190)

سنڌ جي ٻھراڙين کي ڏسڻو هجي يا سنڌي سٻاجهڙي سان ملڻو هجي ته هي گيت اسان جي اها آ س ۽ پياس پوري ڪن ٿا.

ڍاٽيئڙا،  ڍاٽيئڙا، ڍول منھنجا ڍاٽيئڙا،

وَرُ ڪو ڀاڳ وري،

آءُ ڪو قرب ڪري.

ڏاڍا لنگهيا ٿم ڏينھن.

(گجر پائي گج ۾ ص:191)

علي گل سانگيءَ موجب ”ڍاٽيئڙو“ ٿر جو جمالو آهي، ڍاٽيئڙو، ڍاٽي، ڍول ٿر جا ٿر ماڻهو خاص ڪري ڌنار ڳائيندا آهن. (395- شاعري)

ايوب گاد گجر پائي گج ۾ لکي ٿو ته، سنڌ جي تاريخ ۾ لوڪ گيتن جي ڪنھن شاعر جو هي پھريون مڪمل ڪتاب آهي، سنڌي ادبي بورڊ پاران جيڪو لوڪ گيتن جو ڪتاب شايع ٿيو هو تنھن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مختلف ماڻهن جا چيل/ ٻڌل لوڪ گيت سھيڙيا هئا. شيخ اياز ۽ شمشير الحيدري به لوڪ گيت لکيا آهن، پر لوڪ گيتن جو مڪمل ڪتاب لکڻ ۾ علي گل سانگي سرسي حاصل ڪري ويو.

”گجر پائي گج“ جي پيش لفظ ۾ ميمڻ عبدالغفور سنڌي لکي ٿو ته، لوڪ گيت هڪ خاص ترنم سان ڳايا وڄايا وڃن ٿا، انهن جو سٽاءُ به نهايت دلپذير ۽ دلچسپ آهي.

والٽ وٽمن، جو خيال آهي ته هر شيءَ ماڻهوءَ مان ڦٽي نڪري ٿي، سادي ماڻهوءَ مان، ماڻهوءَ مان …. فقط ماڻهوءَ مان.

علي گل سانگي به پنھنجي ماڻهن ۾ رهي ڪري انهن جي جذبن، احساسن ۽ رهڻي ڪھڻيءَ کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪري تاريخ ۾ اڄ نمايان حيثيت ماڻي چڪو آهي، علي گل سانگيءَ پنھنجي ڌرتيءَ کي سدا خوبصورت ڏٺو، پوءِ ڀلي ان ۾ بھار جي موسم هجي يا خزان پر سانگي هر وقت پنھنجي ماڻهن جي اڌمن، ۽ ريتن رسمن کي ڪمال ڪاريگري  سان اجاگر ڪيو.

علي گل سانگي زندگي جي سڄي سفر ۾ تمام اهميت جوڳا ڪم سرانجام ڏنا، پر زندگي کي فنا آهي. 18-آڪٽوبر 2012ع تي آخرڪار علي گل سانگي به مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويو. آخري آرامگاهه پنھنجي اباڻي قبرستان دودائي ۾ اٿس.

حوالا:

”شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون“، 2007ع، (سنڌي لئنگوئيج  اٿارٽي حيدرآباد سنڌ) ص:363-366-369-395

”لاڙڪاڻو امر شخصيتون“ پھريون ڇاپو آگسٽ 2000ع، (عبدالستار ڀٽي لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي) ص:298-299.

”گجر پائي گج“ لوڪ گيت، جون 1998ع،  علي گل سانگي (گل حيات پبليڪيشن هائوس لاڙڪاڻو سنڌ) ص:11-12-13-21-18-19-28-190-218-191.

 

**

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مخدوم امين فهيم جنهن کي اڄ به سنڌ ساري پئي!!

تحرير مير نادر علي ابڙو : مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ …