Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / معصوم نياڻين جا قتل، ذميوار ڪير؟

Powered by free wordpress themes

معصوم نياڻين جا قتل، ذميوار ڪير؟

احمد نواز انقلابي:

دنيا جتي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ تيزي سان وکون کڻندي تبديلي جي طرف پئي وڃي اتي اسان سنڌي ۽ سنڌي سماج ڪٿي بيٺل آهي؟ ۽ اهو به هڪ سوال آهي ته روزاني جي بنياد تي سنڌ اندر بي دردي ۽ بي رحماڻي طريقي سان سنڌي نياڻين جو قتل جو ڪارڻ ڇا آهي؟ جتي اهو سماجي ثقافتي قانوني اخلاقي قدر رهيا آهن ته ڀاءُ ڀيڻ جو محافظ هوندو آهي پر جيڪڏهن اهو ئي ڀاءُ پنهنجي سڳي ڀيڻ کي بي دردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏي ته ان جي پويان ڪهڙا سبب آهن؟ جتي رت جا پاڪ رشتا جنهن مان پيار محبت ملي جيڪي پنهنجا هجن پيءُ، ڀاءُ چاچو سميت ٻيا رشتا جيڪي پنهنجائپ جا امين هجن ۽ اهي ئي رشتا رت جا پياسا ٿين ٿا ته اهو سڀ شعور جي کوٽ تعليم جي اڻهود ۽ سماجي بي هوڌا رسمن جو هجڻ آهي سنڌ انگريز دور کان به اڳ جو هلندڙ نظام جنهن ۾ جنهن ڪارو ڪاري جي هڪ ڪڌي ريت شروع ٿي جنهن اڄ تائين سنڌ جي لکين بي گناهه سنڌي نياڻين جون حياتيون ڳڙڪايون آهن اها ريت انگريز دور ۾ ڪجهه گهٽ ٿي پر جڏهن انگريزن جا پير هن خطي ۾ ڪمزور ٿيندا ويا ته انگريزن هتي پنهنجن پوئلڳن کي ڪم سان لڳايو جن سماج ۾ رسمن جي نالي تي ڪڌيون ريتون رائج ڪيون انگريز ته ويا پر ويندي ويندي پنهنجا واٺا سردارن جي روپ ۾ هتي ڇڏي هميشه هن پرامن خطي کي تباهه ڪرڻ جو ٺيڪو ڏئي ويا انگريزن کان پوءِ خاص ڪري سنڌ اندر سندس واٺن اهڙو ته ٻارڻ ٻاريو جو پرامن خطي جا ماڻهو بدامني جي ور چڙهي ويا هڪ طرف سردار ڀوتارن پنهنجا واٺا تيار ڪيا جن پنهنجا راج ٺاهيا انهن راڄن ذاتين کي پنهنجو غلام بڻائڻ شروع ڪيو ايئن امن پسند سنڌين کي سردار نظام هيٺ آندو ويو ۽ سردارن پنهنجا الڳ قانون ضابطا ٺاهي ڇڏيا جن ۾ خاص ڪري جيڪو نقصان ٿيو اهو عورتن جو ٿيو ڇو جو ان سرداري نظام ۾ عورتن کي انسان ته ٺهيو پر جانور جيتري به اهميت نه رهي عورتن کي ٻارن ڄڻڻ جي مشين سمجهڻ لڳا ۽ جڏهن کين مرضي پوين ظلم ڪن مارين ۽ ايتري قدر جو گهر ۾  پاڻي نه ڏيڻ تان به ڪاري قرار ڏئي ماري ڇڏين مرضي پوين ته سنڱ چٽي ڏئي ڇڏين ڪو به پڇڻ وارو ئي ڪون قانون جي ڪري ٻڌي ئي نه پيو سڄو نظام سرداري ڏنڍي تي پيو هلي ايتري قدر جو  اليڪشن ۾ به ڪنهن کي سردار جي مرضي کان سواءِ ٻئي کي ووٽ جو حق نه هو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ووٽ ڏيندو ته اهو ماريو ويندو پوءِ انهئَ ڊپ کان ماڻهو مجبور ٿي اهو ئي ڪندا هئا جيڪو سردار ڀوتار چاهين ته ماڻهو ائين ڪندا هيا ۽ اڄ ڪافي حد تائين ائين آهي انهن سردارن ڀوتارن وٽ سنڌ لاءِ ڪجهه نه آهي اهي سنڌي نياڻين عزتن جا لٽيرا آهن انهن سردارن هميشه سنڌ دشمنن لاءِ ڪم ڪيو آهي اڄ به اهي انتهاپسندي واري سوچ کي پاڻي ڏئي رهيا آهن اها سوچ تيزي سان سنڌ جي گهر گهر ۾ داخل ٿي رهي آهي جيڪا هڪ عالمي سازش آهي هن خوبصورت سنڌ ڌرتي ممتا جي امن کي خراب ڪرڻ جي ان جي ماڻهن کي لٽين جي سنڌ جا ماڻهو جيڪي ننگن جا محافظ هيا اڄ اهي پنهنجي هٿن سان پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي ماري رهيا آهن سردارن هميشه مذهب جي سائيڊ سهارو ورتو آ ۽ انهئَ سهاري تي بچندا آيا آهن اڄ سنڌ کي جذبات جي بنيادن تي شعور تي وار ڪرايا پيا وڃن پر ڏک ته انهن شعوري تنظيمن تي آهي جيڪي اڄ جي هن قهري دور ۾ به چپن کي تالا لڳائي ويٺا آهن اڄ انهئَ انتها پسندي واري سوچ هڪ طرف هندو ڀائرن کي سنڌ مان لڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو آهي ته ٻئي طرف سردارن عام ماڻهن جي ننگن سان کيڏڻ شروع ڪيو آهي اسان اڃا خاموشي جو ڪلمو پڙهي ستل آهيون تازو هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو ٿيو جنهن ۾ زبردستي شادي کان انڪار ڪرڻ تي بااثر وڏير پاران معصوم سنڌ جي نياڻي تانيه خاصخيلي کي گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪري ڇڏيو تانيه جي معصوم خوابن کي رستن تي رولي ڇڏيو ان جي والدين جي اميدن کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو پر شعور اڃا ستل آهي شعور ننڍ مان سجهاڳ نه ٿيو آهي سنڌ جي ننگن جي عظمتن کي لٽيو پيو وڃي ۽ اڃا خاموشي آهي خدرا اٿو سجاڳ ٿيو سنڌ ۾ موجود شعوري تنظيمن کي متحد ٿي انهئَ ظلم خلاف جنگ ڪرڻ گهرجي انهئَ تانيه خاصخيلي جي بي گناهه خون کي انصاف ڏيارڻ لاءِ انهن ظالم وڏيرن کي عبرت ناڪ سزا ڏياري وڃي ته جيئن ٻيهر ڪنهن به تانيه جي خوابن کي نه لٽيو وڃي اها بي گناهه گولين جو کاڄ نه بڻجڻو پئي ان لاءِ هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي جيڪا تحريڪ سنڌ اندر عورتن جي حقن جي بحالي لاءِ تحريڪ هجي جيڪا عورتن کي مردن جي برابري جي بنياد تي بنيادي حق ڏياري. دنيا جي مهذب ملڪن ۾ عورتون اڄ برابر جا حق رکن ٿيون هر طرح جي آزادي آهي پر هتي عورتن کي انسان به نٿو سمجهيو وڃي انهئَ جو مک سبب تعليم نه هجڻ آهي ته اٿو ته پنهنجي سنڌ ڌرتي کي انتها پسندي سميت سماج جي فرسوده ريتن رسمن کان بچايو انهن ظالمن سردارن ۽ انهن جي واشن جون  پاڙو جڙ کان اکاڙي ڪڍون انهئَ سرداري نظام جو خاتمو آڻي انهن ظلم کي هميشه ٻنجو ڏيون جيئن غيرت جي نالي تي سنڌ واري ڪنهن معصوم جو گهر نه اجڙي اٿو سجاڳ ٿيو اچو ته هن پرامن سنڌ  کي هڪ گلزار بڻايون ۽ جهالت جون پاڙون پٽي ڪڍون.

ahmednawazinqlabi786@gmail.com

 

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

مخدوم امين فهيم جنهن کي اڄ به سنڌ ساري پئي!!

تحرير مير نادر علي ابڙو : مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ …