Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / نواز شريف فليگ شپ ريفرنس ۾ جواب ڏيڻ لاءِ پٽن سميت 19 سيپٽمبر تي طلب

Powered by free wordpress themes

نواز شريف فليگ شپ ريفرنس ۾ جواب ڏيڻ لاءِ پٽن سميت 19 سيپٽمبر تي طلب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي پاناما پيپرز ڪيس جي فيصلي ۾ ڏنل هدايتن جي روشني ۾ نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس جي حوالي سان احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 19 سيپٽمبر تي طلب ڪندي نواز شريف جي پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. اربع تي راولپنڊي جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وزيراعظم کي فليگ شپ ريفرنس، جيڪو پرڏيهه ۾ قائم ڪيو ويو، 16 ڪمپنين بابت ريفرنس آهي ان ۾ سمن جاري ڪيا آهن عدالت نوٽيس جاري ڪندي نواز شريف کي 19 سيپٽمبر تي طلب ڪندي انهيءَ ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. اڳوڻي وزيراعظم کي جاري ڪيل سمن ۾ چيو ويو آهي ته 19 سيپٽمبر تي صبح جو 9 وڳي پيش ٿئي عدالتي سمن ۾ چيو ويو ته الزامن جو جواب ڏيڻ لاءِ توهان جي عدالت ۾ حاضري ضروري آهي. سمن تي ماڊل ٽائون لاهور ۽ رائيونڊ جي ايڊريس پڻ لکيل آهي رجسٽرار جو چوڻ آهي ته فليگ شپ ريفرنس جا واڌو دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن. فليگ شپ ريفرنس جي ٽيڪنيڪي خاميون ختم ڪري ريفرنس هڪ ڏينهن اڳ جمع ڪرايو ويو هو. ياد رهي ته ان ريفرنس موجب اڳوڻي وزيراعظم جا پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز، ڌيءَ مريم صفدر به ان ڪمپني ۾ اسٽيڪ هولڊرز آهن گذريل ڏينهن رجسٽرار احتساب عدالت پاناما گيٽ جاچ جي حوالي سان شريف خاندان خلاف داخل ٿيندڙ چئن ريفرنس مان ٽي ريفرنس واپس ڪيا هئا احتساب عدالت نواز شريف ۽ سندس اولاد جي خلاف آف شور ڪمپنين جي ملڪيتن جي حوالي سان داخل ٿيل صرف هڪ ريفرنس منظور ڪيو.02

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …