Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / ورلڊ اليون سخت مقابلي بعد پاڪستان کي ٽي-20 جي ٻئي ميچ ۾ هارائي ڇڏيو

Powered by free wordpress themes

ورلڊ اليون سخت مقابلي بعد پاڪستان کي ٽي-20 جي ٻئي ميچ ۾ هارائي ڇڏيو

لاهور(م-ڊ)ورلڊ اليون ٽي-20 آزادي ڪپ جي ٻئين ميچ ۾ پاڪستان کي هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي،گذريل ڏينهن لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ سخت مقابلي بعد ورلڊ اليون پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي،پاڪستان جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 177 رنسون ٺاهيون، بابر اعظم 45 ،فخرالزمان 21، احمد شهزاد، 43، شعيب ملڪ 39 ،سرفراز احمد 0 رنسون ٺاهيون، 177 جو حدف ورلڊ اليون جي ٽيم آخري اوور ۾ پورو ڪري ورتو هاشم آمله ۽ تميم اقبال بيٽنگ شروع ڪئي ته 47 رنسن تي تميم اقبال 23 رنسون ٺاهي ائوٽ ٿي ويو، ٽم پين 10، فاف ڊپليسي 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، آخري ٻن بالن تي 6 رنسون گهربل هيون ته تسارا پريرا ڇڪو هڻي راند کٽي ورتو هاشم آمله 72 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو،بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي تسارا پريرا کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو،پاڪستان ۽ ورلڊ اليون ۾ هڪ-هڪ تان سيريز برابر ٿي وئي،فيصلا ڪن ميچ اڃا ٿيڻي باقي آهي جيڪا 15 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.03

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

ملڪ ۾ افراتفري آهي، سياسي پارٽيون اندر کان کوکليون ٿي چڪيون آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نئون آپوزيشن ليڊر آڻڻ …