Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / پارليامينٽ ميمبر پنھنجي تڪن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن تي ڌيان ڏين: وزيراعظم

Powered by free wordpress themes

پارليامينٽ ميمبر پنھنجي تڪن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن تي ڌيان ڏين: وزيراعظم

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترقياتي ايجنڊا جي پيروي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ڏهاڪن کان التوا ۾ پيل اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ کي به يقيني بڻايو آهي، پارليامينٽ/ ميمبر پنهنجي تڪن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻين، ڪو علائقو يا تڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف سفر ۾ پٺتي نه رهڻ گهرجي. هن اها ڳالهه سرگوڌا ڊويزن سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ترقياتي منصوبن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي لاڳاپيل تڪن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پارليامينٽ ميمبرن کي خاص طور تي انهن تڪن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪ ترقياتي ڪم جي رفتار جي لحاظ کان ٻين تڪن جي برابر نه آهن. وڏن وڏن ترقياتي منصوبن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت انهن اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ کي به يقيني بڻايو جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان التوا ۾ پيل هئا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ترقياتي ايجنڊا جي پيروي جاري رکڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪو علائقو يا تڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف سفر ۾ پٺتي نه رهجي وڃي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پارليامينٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي عوامي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ عوام سان پنهنجا رابطا وڌائين ۽ ان ڏس ۾ ڀرپور ڪوششون ڪن. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه، مملڪتي وزير محسن شاهنواز رانجها، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽي، سردار محمد شفقت حيات خان، ملڪ محمد عزير خان، ملڪ شاڪر بشير اعواڻ، عبيدالله خان، عبدالمجيد خان، ڊاڪٽر محمد افضل خان ڍانڍلا ۽ شهزادي عمرزادي ٽوانا شامل هئا. پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد به ان موقعي تي موجود هو.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

ملڪ ۾ افراتفري آهي، سياسي پارٽيون اندر کان کوکليون ٿي چڪيون آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نئون آپوزيشن ليڊر آڻڻ …