Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو صوبائي وزير تعليم جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

Powered by free wordpress themes

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو صوبائي وزير تعليم جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي( بيورو) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تعليم کاتي جو وزير پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، تعليم واري سيڪريٽري آفيسرن جي کوٽ جون دانهون ڪيون، ڪميٽي چيئرمين  چيو ته  اجلاس ۾ سڀني کاتن جا وزير اچن ٿا پر تعليم وارو وزير ڄام مهتاب ڏهر نٿو اچي. پي اي سي سنڌ جي اجلاس ۾ تعليم کاتي جي سال  2015 جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ کاتي جو وزير نه اچڻ تي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اجلاس دوران تعليم واري سيڪريٽري عزيز عقيلي چيو ته 2 لک 20 هزار مان جيڪڏهن 2 هزار ملازم به ڪم ڪن ها ته تعليم کاتي جي ڪارڪردگي بهتر هجي ها، جڏهن ته کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا لکڻ باوجود جواب نٿو ڏنو وڃي. پي اي سي جي چيئرمين سليم جلباڻي چيو ته تعليم وارو وزير ڪميٽي کي سنجيده نٿو وٺي، سمورا وزير اجلاس ۾ اچن ٿا پر وزير ڄام مهتاب ڏهر نٿو  اچي. ڪميٽي چيئرمين هدايت ڪئي تي تعليم واري وزير کي خط لکي 2 آڪٽوبر تي سندس حاضري کي يقيني بڻايو وڃي.1

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان …