Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / چوڌري نثار والد جو ساٿي آهي، ان جي ڳالهائڻ جو انداز الڳ آهي: مريم نواز

Powered by free wordpress themes

چوڌري نثار والد جو ساٿي آهي، ان جي ڳالهائڻ جو انداز الڳ آهي: مريم نواز

لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته چوڌري نثار منهنجو وڏو ۽ منهنجي والد جو ويجهو ساٿي آهي بس رڳو ان جي ڳالهائڻ جو انداز پنهجو آهي تڪ ۾ ڪنهن به قسم جا سرڪاري وسيلا استعمال نه ڪيا پيا وڃن. سياسي مخالف الزامن جي بدران ميدان ۾ اچي مقابلو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن جي يو آءِ جي سربراهه پير اعجاز هاشمي سان ان جي رهائش تي ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پير اعجاز هاشمي اين اي 120 ۾ پنهنجي پارٽي پاران مسلم ليگ (ن) جي اميدوار بيگم ڪلثوم نواز جي ڀرپور حمايت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته جي يو پي پاران بيگم ڪلثوم نواز جي بنا شرطن جي حمايت ڪرڻ تي سندس ٿورائتي آهيان .هن چيو ته 17 سيپمٽبر جي ڏينهن لاءِ دعائن جي ضرورت آهي اين اي 120 جي عوام سان منهنجو پراڻو لاڳاپو آهي. 2013 جي چونڊن ۾ به پنهنجي والد جي مهم هلائي هئي ۽ هاڻي پنهنجي والده ڪلثوم نواز اميدوار آهي جنهن کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻو پيو ۽ منهنجو والد ۽ چاچا به اتي ئي آهن پر ن ليگ وڏي پارٽي آهي جنهن جي مون کي مڪمل حمايت حاصل آهي چونڊ مهم دوران ڪارڪنن جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي. هن چيو ته ڪهڙا سرڪاري وسيلا انهن جو نالو ورتو وڃي تڪ ۾ ڪنهن به قسم جا سرڪاري وسيلا نه پيا استعمال ڪيا پيا وڃن ننڍي چونڊ کان اڳ ئي سڄي ملڪ  ۾ روڊ رستا ٺهي رهيا هئا پير اعجاز هاشمي چي وته سياست هڪ پاڪيزه شيءِ آهي پر ان کي گندو ڪيو پيو وڃي اسان شروعات کان ئي مسلم ليگ (ن) جا حامي آهيون ۽ هاني به ملڪ بچائڻ لاءِ ن ليگ جو ساٿ ڏينداسين.07

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05AUG2016-webimage-muraad

ڪراچي جي ميگا رٿائن جي ٻئي مرحلي جي 14 رٿائن تي 15 ڊسمبر کان ڪم شروع ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري …