Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / چيف جسٽس جي پگهار ساڍا 8 لک ۽ سپريئر الائونس پوڻا 4 لک آهي: سينيٽ کي آگاهي

Powered by free wordpress themes

چيف جسٽس جي پگهار ساڍا 8 لک ۽ سپريئر الائونس پوڻا 4 لک آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ماهوار پگهار 8 لک 46 هزار 549 رپيا ۽ سپريئر جوڊيشل الائونس 3 لک 70 هزار 597 رپيا آهي جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پگهار 7 لک 84 هزار 608 رپيا ۽ سپريئر جوڊيشل الائونس 2 ک 96 هزار 477 رپيا آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪريم احمد خواجه ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ايوان کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سرڪاري رهائش نه هجي ته هائوس رينٽ جي مد ۾ 68 هزار رپيا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ۽ 65 هزار رپيا هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ادا ڪيا وڃن ٿا. سپريم ڪورٽ جي جج جي پگهار 7 لک 99 هزار 699 رپيا ۽ سپريئر جوڊيشل الائونس 3 لک 70 هزار 597 رپيا آهي جڏهن ته سرڪاري رهائش نه هجڻ جي صورت ۾ 68000 هزار رپيا هائوس رينٽ ادا ڪئي وڇي ٿي اهڙي طرح هاءِ ڪورٽ جي جج جي پگهار 7 لک 54 هزار 732 رپيا آهي ۽ ان جو سپريئر جوڊيشل الائونس 2 لک 96 هزار 477 رپيا آهي، سرڪاري رهائش نه هجڻ جي صورت ۾ کيس 65000 هزار رپيا هائوس رينٽ ادا ڪيو وڃي ٿو. چيف جسٽسز ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ميڊيڪل الائونس جي سهولت به حاصل آهي ان کانسواءِ ٻيون مراعتون به ڏنيون وڃن ٿيون.07

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ، سڀاڻي فيصلو ٻڌائينداسين: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(اي پي پي)  اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت …