Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / ايڊيٽوريل / ڪراچي ۾ سنڌي لئنگيج ٽيچرن سان ٿيل جُٺِ

Powered by free wordpress themes

ڪراچي ۾ سنڌي لئنگيج ٽيچرن سان ٿيل جُٺِ

ڪالهه ڪراچي ۾ پوليس پاران وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ سنڌي لئنگيج ٽيچر سميت برطرف ٿيل 6 هزار ملازمن تي لٺ بازي ڪئي وئي جنهن ۾ پوليس ۽ مظاهرو ڪندڙن وچ ۾ لڳل چڪرين دوران 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ پوليس 8 ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي. بعد ۾ سڌ سماء واري وزير ناصر شاهه مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري کين وڌيڪ ڳالهين لاءِ طلب ڪري ورتو. ڳالهين جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو تنهن بابت ڪو به اڳڪٿي ان ڪري، ڪري نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته ڳالهين ۾ فيصلا ته وڏا وڏا ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويندو آهي  پر جڏهن انهن فيصلن تي عمل ڪرڻ جو وقت ايندو آهي، تڏهن اهي فيصلا رڳو ڪاغذن تائين ئي محدود رهجي ويندا آهن ۽ انهن مان ڪنهن هڪ اڌ  فيصلي تي جيڪڏهن ڪو عمل ٿئي ته ٻي ڳالهه آهي باقي اسان ته ائين ٻڌو آهي ته ڳالهيون به رڳو معاملي يا احتجاج کي ٿڌو ڪرڻ جو هڪ طريقو ئي هونديون آهن. اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن به  جمهوري معاشري ۾ احتجاج ڪرڻ، جلسا ۽ جلوس ڪڍڻ جي ته آئيني آزادي هوندي آهي پر ان آزادي کي ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي ان بابت اڃا شايد اسان سکيا ئي نه آهيون ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته اسان جي سياسي پارٽين ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن کي پنهنجن ڪارڪنن جي سکيا ڪرڻ گهرجي ته جمهوري آزادين جو مطلب ڇا آهي ۽ انهن آزادين کي ڪهڙي ريت استعمال ڪرڻو آهي. اسان ڪراچي ۾ ٿيل ان مظاهري بابت جڏهن جائزو وٺون ٿا تڏهن اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته آخر اهي 6 هزار ملازم ڪهڙن کاتن جا هئا جن کي برطرف ڪيو ويو آهي جيڪڏهن ڪا وڏي پئماني تي ملازمن جي نيڪالي ٿي آهي ته ان لاءِ به معلومات ملڻ گهرجي ته اهي ملازم ڪهڙن کاتن جا آهن ۽ انهن کي ڇو ڪڍيو ويو آهي. هتي اسان سنڌي لئنگيج ٽيچرز بابت جڏهن جائزو وٺون ٿا ته اسان کي ان ڳالهه تي حيرت ٿئي ٿي ته اهي ڪهڙا استاد آهن جن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي اسان اها ڳالهه ان ڪري لکي رهيا آهيون جو ماضي ۾ سنڌي لئنگيج ٽيچرز طور اهڙن کي به ڀرتي ڪيو ويو هو جن جي مادري زبان سنڌي نه هئي اهي استاد جن کي اکيون پوري ڀرتي ڪيو ويو هو ان سان هڪ ته سنڌي لئنگيج ٽيچرز جون خالي جايون ته ڀرجي ويون هيون پر ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ واري عمل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو هو جنهن ڪري انهن استادن جون نوڪريون ختم ڪيون ويون هيون ۽ انهن استادن اڳ به بلاول هائوس آڏو بک هڙتال ۽ مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ سنڌ سرڪار واضح نموني ان ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته انهن استادن کي بحال ڪري نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته انهن کي سنڌي جي الف- بي به نٿي اچي. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اهي ساڳيا استاد جن کي سنڌي نه اچڻ جي ڪري برطرف ڪيو ويو هو ته پوءِ انهن کي سنڌي لئنگيج ٽيچرز طور ڪنهن به صورت ۾ بحال ڪرڻ نه گهرجي. هونئن به ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن يعني پرائمري مڊل ۽ هاءِ اسڪولن ۾ اٽڪل اڍائي هزار کان مٿي سنڌي لئنگيج ٽيچر مقرر آهن جن جو ڪيڊر به ڌار آهي يعني انهن جي پروموشن وغيره به عام استادن کان ڌار طئي ڪيل آهي. جيڪي استاد بي ايڊ يا سي ٽي، پي ٽي سي ڪن ٿا تن کي ريگيولر ڪيو وڃي ٿو ائين ڪرڻ سان اهو ٿيو آهي جو سنڌي لئنگيج ٽيچر  جي ايس ٽي ٿي وڃڻ جي ڪري لئنگيج ٽيچر جي جاءِ خالي ٿي پئي ٿي جنهن تي وري ٻيو سنڌي لئنگيج ٽيچر مقرر ڪيو وڃي ٿو. هن وقت ڪراچي جي هر سرڪاري اسڪول ۾ گهٽ ۾ ٻه يا ٽي سنڌي استاد ضرور نظر اچن ٿا. جيڪا ڳالهه ته حوصلو ڏيندڙ آهي پر ان سان گڏوگڏ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته انهن استادن مان شايد ئي ڪي اهڙا استاد هوندا جن شاگردن کي سنڌي پڙهائڻ جي دل سان ڪا ڪوشش ڪئي هوندي جيڪا ڳالهه نهايت ئي ڳڻتي جوڳي آهي جنهن لاءِ پڻ سوچڻ جي سخت ضرورت آهي. اسان وٽ پرائيويٽ اسڪولن مان ته سنڌي ٻولي ڪڏهن کان تڙجي چڪا آهن ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ جتي سنڌي استاد مقرر آهن اهي وري پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن يا وري اهڙن کي سنڌي استاد ڪري مقرر ڪيو وڃي جن کي سنڌي لکڻ ۽ پڙهائڻ به نٿي اچي اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن هڙتالي استاد واقعي متاثرين آهن ۽ انهن کي بحال ڪرڻ ضروري نظر اچي ٿو تڏهن به اهو فيصلو هر طرح سان جاچي پوءِ  حل ڪرڻ گهرجي اسان جي خيال ۾ انساني همدردي طور به جيڪڏهن ڪنهن کي بحال ڪرڻو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌي لئنگيج ٽيچر رڳو ان صورت ۾ ڪنهن کي بحال ڪيو وڃي جيڪو واقعي سنڌي پڙهائڻ ڄاڻندو هجي ٻي صورت ۾ ان کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌي لئنگيج ٽيچر  طور بحال نه ڪيو وڃي. اسان هتي اها ڳالهه به رڪارڊ تي آڻڻ گهرون ٿا ته ڪجهه ڌريون اهڙيون به آهن جيڪي بيروزگارن کي رستن تي آڻي انهن کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نوڪري وٺرائي ڏيڻ چاهين ٿيون جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت ڪري نٿي سگهجي جيڪڏهن نوڪري حاصل ڪرڻ جو اهو حربو حڪومت وٽ قابل قبول هوندو ته پوءِ اهو ڏينهن خالي نه هوندو جو هر ٻيو بيروزگار ڪجهه ماڻهو وٺي احتجاج ڪندو پوليس انهن تي لٺيون وسائيندي، ۽ پوءِ ڪو صوبائي وزير اچي انهن سان ڳالهيون ڪندو ۽ پوءِ انهن کي نوڪرين جا آرڊر هٿن ۾ ملي ويندا ان ڪري اهڙي طرح نوڪريون حاصل ڪندڙن جي ڪنهن به صورت ۾ حوصلا افزائي نه ٿيڻ گهرجي ائين ڪرڻ سان حقدارن جو حق غضب ٿيندو ۽ هڙتالي ۽ کڙتالي نوڪريون وٺندا رهندا ۽ حقيقي بيروزگار ڌڪا کائيندي نظر ايندا.

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نواز شريف کي ڪير سزا ڏ يڻ گهري ٿو

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏني نه پر ڏياري …