Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / ڪي اين شاهه ۾ 15 شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ،فصل سڪڻ لڳا،آبادگارن جو مظاهرو

Powered by free wordpress themes

ڪي اين شاهه ۾ 15 شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ،فصل سڪڻ لڳا،آبادگارن جو مظاهرو

خيرپورناٿن شاهه(ن-م)خيرپور ناٿن شاهه ۾ رائيس ڪئنال نارا ڊسٽري سميت ان مان نڪرندڙ شاخن واهن خدا واهه، ڪڏڻ شاخ، آباد شاخ، ڪالرو شاخ سميت 15 کان وڌيڪ شاخن واهن ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ سبب آبادگارن طرفان لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڪڻ سڙڻ لڳو آبادگارن هارين جي يو پي اڳواڻ شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي،آبادگار صدر گاڏهي،هاري رضا محمد گاڏهي،آبادگار رفيق احمد گاڏهي جي اڳواڻي ۾ انجنيئر رائيس ڪئنال ايس ڊي او خلاف مير حسن چونڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو جتي هنن دانهيو ته گذريل ڪيترن هفتن کان وٺي نارا ڊسٽري ۾ زرعي پاڻي بند ڪيو ويو آهي شاخن ۾ پاڻي بجاءِ واري اڏامي رهي آهي اسان هزارين روپين جا مهانگا بج ڀاڻ هر روبنا ڪرايا فصل تيار ٿيڻ تي آهي ته ايريگيشن وارن رشوت گهري پيسا نه ڏيڻ تي هنن مٿان کان اسان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري هزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل سڪي ۽ سڙي رهيو آهي فصل نه ٿيو ته اسين تباهه ٿي ويندا سين علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويندي اسين قرض لاهي نه سگهنداسين هنن چيو ته ڪيترا مسڪين هاري وياجين کان اوڌر تي ڀاڻ ٻج وٺي فصل پوکيو ايريگيشن وارن جي نااهلي سبب فصل تباهه ٿي رهيو آهي هتان جي چونڊيل نمائندن کي بار بار پاڻي بند هجڻ جون شڪايتون ڪيون پر انهن اسان جي شڪايتن جو ازالو نه ڪيو، آبادگارن هارين ايريگيشن جي ڪامورن تي الزام هڻندي چيو ته 10 لک رشوت گهري پيسا نه ڏيڻ تي هنن بنا جواز پاڻي بند ڪري اسان جو فصل تباهه ڪري ڇڏيو آهي علائقي ۾ آبادي نه ٿيندي ته ماڻهو معاشي طور تي تباهه ٿي ويندا خود ڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائي هارين آبادگارن مان بيچيني ختم ڪرائي وڃي.03

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

06

سياسي، سماجي اڳواڻن، اسڪالرن ۽ پروفيسرن پاران حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه (ثاني)رح کي خراج عقيدت پيش

حيدرآباد(رپورٽ: نياز وگهيو) حضرت پير سائين سيد شاهه مردان شاهه “ثاني” رحمة الله عليه جي …