Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / نواز شريف جا اثاثا ڳوليندڙن کي خبر ھئڻ گھرجي ته ھو خود اثاثو آھي: ڪيپٽن (ر) صفدر

Powered by free wordpress themes

نواز شريف جا اثاثا ڳوليندڙن کي خبر ھئڻ گھرجي ته ھو خود اثاثو آھي: ڪيپٽن (ر) صفدر

مانسهره (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته نواز شريف جا اثاثا ڳوليندڙن کي خبر هئڻ گهرجي ته نواز شريف خود پاڪستان جو وڏو اثاثو آهي، نواز شريف نااهل ناهي ٿيو بلڪ قوم جو محسن آهي، قائداعظم جهڙي ليڊر پاڪستان ٺاهيو، ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو ۽ نواز شريف ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان کي اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي طاقت بڻايو. هو گذريل ڏينهن هتي هڪ گيس پائيپ لائين منصوبي جي افتتاح کان پوءِ جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ايم اين اي بابر نواز خان، نعيم سخي تنولي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته اڄ آزمائش جو وقت آهي پر نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب سان گڏ جانثار ساٿي جرئت ڀرئي انداز ۾ ميدان ۾ بيٺل آهن ۽ هن ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪنهن قربانيءَ کان نه ڪيٻائيندا.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، آمريڪي صدر کي واشنگٽن ۾ هڪ کوکو به الاٽ ڪرڻ جي اجازت ناهي، هتي جنهن جي دل چوي ٿي زمين الاٽ ڪري ڇڏي ٿو: چيف جسٽس

ڪراچي (بيورو/ م-ڊ) سپريم ڪورٽ لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ قائم نيشنل هيلٿ سينٽر، لائبريري، …