Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

Powered by free wordpress themes

نيب جي ڪم جي تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو:چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي، نيب جي ڪم ۾ تبديلي کانسواءِ هاڻ انصاف ٿيندي نظر ايندو، انويسٽيگيشن آفيسر ۽ پراسيڪيوٽر پنهنجي ڪم کي وڌيڪ بهتر ڪن، مڪمل تياري، ٺوس ثبوت ۽ قانون موجب ڪيس تيار ڪري عدالتن ۾ داخل ڪيا وڃن، اسان جي وفاداري صرف ۽ صرف پاڪستان رياست سان آهي ڪنهن سان هاڻ ناانصافي نه ٿيندي، هميشه قانون جي پابندي کي هٿي ڏني ويندي، هو نيب لاهور جي دوري دوران آفيسرن کي خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته نيب ڪنهن صوبي، پارٽي ۽ فرد کان انتقامي ڪارروائي نه آهي، پر نيب بنا فرق زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪندي ڪرپٽ عنصرن کان قوم جي لٽيل رقم هٿ ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ بڻيو، ڇو ته ملڪ هن وقت 84 ارب ڊالر جو قرضي آهي تنهنڪري نيب ڪرپٽ ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي يقين رکي ٿو ته جيئن عدالت ڪرپٽ ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏئي.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، آمريڪي صدر کي واشنگٽن ۾ هڪ کوکو به الاٽ ڪرڻ جي اجازت ناهي، هتي جنهن جي دل چوي ٿي زمين الاٽ ڪري ڇڏي ٿو: چيف جسٽس

ڪراچي (بيورو/ م-ڊ) سپريم ڪورٽ لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ قائم نيشنل هيلٿ سينٽر، لائبريري، …