Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / پرڏيهي خبرون / آمريڪي صدر پاران گوانتاموبي جيل ٻيهر فعال ڪرڻ جو اعلان

Powered by free wordpress themes

آمريڪي صدر پاران گوانتاموبي جيل ٻيهر فعال ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن  (م-ڊ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بدنام گوانتامو بي جيل ٻيهر فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي..آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين اسٽيٽ آف دي يونين خطاب ۾ بدنام گوانتانامو بي جيل ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هن گوانتامو بي جيل کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي حوالي سان ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ آمريڪي بچاءُ واري وزير جيمز ميٽس کي حڪم ڏنو آهي ته هو ان جيل کي ٻيهر کولڻ بابت جائزو وٺي.ٽرمپ چيو ته ڪيوبا ۾ قائم گونتانامو بي جيل ٻيهر فعال ڪري پنهنجو هڪ واعدو پورو ڪري رهيو آهيان جڏهن ته ماضي ۾ داعش جي سربراهه ابوبڪر البغدادي سميت گهڻي تعداد ۾ خطرناڪ دهشتگردن کي آزاد ڪرڻ تمام وڏي بيوقوفي هئي، اسان انهن دهشتگردن کي آزاد ڪيو ۽ اڄ اهي اسان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن.02

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05

روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جي ملاقات

انقره (م-ڊ) روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان والاريل …