Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / سنڌ اسيمبلي جي صوبائي تڪ پي ايس 07 گھوٽڪي تي چونڊ چهچٽو شروع

Powered by free wordpress themes

سنڌ اسيمبلي جي صوبائي تڪ پي ايس 07 گھوٽڪي تي چونڊ چهچٽو شروع

بخت علي بوزدار:

جيئن ته سنڌا سيمبلي جي صوبائي تڪ پي ايس 07 ضلعي گهوٽڪي جي ٻن تعلقن ميرپورماٿيلو ۽ ڏهرڪي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مرحوم احمد علي خان پتافي جي وفات ڪرڻ سبب خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ عمل جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي پاران مرحوم احمد علي پتافي جي فرزند باري خان پتافي کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن سان اليڪشن وڙهڻ لاءِ فنڪشنل مسلم ليگ جو اميدوار عبدالمالڪ عرف ميان مجن سندرو ٻڌي ميدان تي لٿو آهي جنهن کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار شر پاران حمايت ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي جنهن سبب ان جي پوزيشن مستحڪم نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته هن کان اڳ اها سيٽ مسلسل پاڪستان پيپلز پارٽي کٽيندي رهي آهي جيئن ته هن علائقي ۾ شر برادري جي گهڻائي هئڻ سبب چونڊن جا غير متوقع نتيجا نڪرڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي ڇو ته هن دفعي شر برادري جون همدرديون فنڪشنل مسلم ليگ جي اميدوار سان گڏ آهن تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن ضمني چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي سيٽ بچائڻ مشڪل لڳي رهي آهي.

ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار جا حمايتي پڻ ميدان ۾ لهي چڪا آهن، هن کان اڳ گهوٽڪي ضلعي ۾ جڏهن غلام محمد مهر لاڏاڻو ڪري ويو ته ان جي جاءِ تي علي محمد مهر سان ڪنهن به چونڊ مقابلو نه ڪيو ۽ خود خالد لنڊ جو والد نور محمد لنڊ وفات ڪري ويو هو ته ان مهل به ٿيندڙ چونڊن ۾ خالد لنڊ سامهون ڪنهن ٻئي اڳواڻ فارم نه ڀرايو هو ۽ خالد لنڊ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي تنهن ڪري خالد لنڊ جو اهو موقف آهي ته اها روايت برقرار رهڻ گهرجي هاڻي جڏهن باري پتافي سامهون فنڪشنل مسلم ليگ پاران نامزد ڪيل اميدوار عبدالمالڪ عرف ميان مجن اليڪشن وڙهڻ لاءِ ميدان تي آيو آهي ته باري پتافي جي حمايتن خالد لنڊ ۽ ٻين کي تڪليف ٿي رهي آهي. جڏهن ته چونڊ وڙهڻ جمهوري عمل جو حصو آهي ۽ اها اليڪشن جي سونهن آهي ته چونڊ عمل ۾ ۽ جمهوري عمل ۾ گهڻي کان گهڻا اميدوار حصو وٺن جيڪو سندن بنيادي آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق آهي.

ياد رهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ سياسي حوالي سان عددي اڪثريت رکندڙ مهر ڀائر اڃا تائين هن سلسلي ۾ بلڪل خاموش آهن ۽ سندن ڪنهن به قسم جو ڪو بيان وغيره يا سرگرمي سامهون نه آئي آهي پر مهر گروپ جي اهم اتحادي ۽ علي گوهر خان مهر جي ويجهي دوست ۽ ساٿي بوزدار برادري جي چيف سردار رحيم بخش خان بوزار فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ جي حمايت ڪئي آهي. باقي مٿئين ذڪر ڪيل ٻنهي اميدوارن پنهنجون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن دفعي ميرپورماٿيلو ۽ ڏهرڪي جو عوام ڪنهن کي ٿو ووٽ ڏئي ڪامياب بڻائي. جيستائين ڪارڪردگي جو تعلق آهي ته ان سلسلي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاران هن تڪ جي عوام کي ڪن خاص ترقياتي اسڪيمون  پراجيڪٽ وغيره نه ڏنا آهن جيڪي سڀني جي سامهون آهن. جڏهن ته فنڪشنل مسلم ليگ جو به مختلف وقتن تي سنڌ حڪومت ۾ حصو پتي رهيو آهي انهن جيڪي سنڌ جي عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪيا آهن اهي به سڀني جي سامهون آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته 5 مارچ تي ٿيندڙ چونڊ ۾ عوام ڪنهن کي ٿو ووٽ ڏئي سرخرو ڪري.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

پارٽي ٽڪيٽون ۽ سياسي پارٽيون

مسرورسيال : اليڪشن ايندي ئي پارٽيون پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کان پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون گھرائينديون …