Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / سپريم ڪورٽ جو شريف خاندان جون بند شوگر ملون کولڻ جو حڪم، جهانگير جي ڊڪٽيشن تي ملون بند نه ڪنداسين: چيف جسٽس

Powered by free wordpress themes

سپريم ڪورٽ جو شريف خاندان جون بند شوگر ملون کولڻ جو حڪم، جهانگير جي ڊڪٽيشن تي ملون بند نه ڪنداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ شريف خاندان جون بند شگرملون کولڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ ڪمند جي خريداري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار شريف خاندان جون بند شگرملون کولڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي شگر مل جي ڊي ڊبليو جي وڪيل اعتزازاحسن چيو ته عدالت ملون کولي ٿي ته بند ڪرڻ جون تاريخ به مقرر ڪري چيف جسٽس چيو ته ملن کي بند ڪرڻ جي تاريخ اسان مقرر ڪيون اسان ته هارين جي فائدي ۾ ملون کولي رهيا آهيون جهانگير ترين جي ڊڪٽيشن تي ملون بند نه ڪنداسين هر مهيني هن ڪيس جي ٻڌني ڪنداسين کلندڙ ملون پنهنجي اڪائونٽس جو تفصيل فراهم ڪن هارين کي نقصان نه ٿيڻ گهرجي اعتزاز احسن چيو ته ڪمند جي ڪرشنگ اپريل کان پوءِ به ڪندا رهنداسين ڪمند جو وزن شگر مل جي اندر ئي ٿي سگهي ٿو ڏکڻ پنجاب ۾ وزن ڪندڙ ڪانٽا ناهن جنهن جو ريٽ ايندو ان کان ڪمند خريد ڪيو ويندو هارين جي وڪيل چيو ته اسان کي 160 رپيا اگهه ڏيئي ڇڏيو ۽ شگر ملون پڪ اپ پوائنٽ مان ڪمند خريد ڪن چيف جسٽس حڪم ڏنو ته شگر ملون ڪمشنر جي مقرر ڪيل پوائنٽ تان ڪمند کڻنديون هاري جي ٽالي جيترا ڏينهن شگر مل ٻاهران بيٺي هوندي خرچ شگر مل برداشت ڪندي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته شگر مل پڪ اپ پوائنٽس تان ڪمند خريد ڪرڻ ۽ رقم ادا ڪرڻ جي پڪ ڏياري آهي اهڙن معاملن ۾ هٿوڙي جو سهارو نٿو وٺي سگهجي شگر ملن آبادگار سان عمل جوڳو حل ڪڍڻو آهي سڄي صوبي ۾ ڪابه مل رقم نه پئي ڏي شگر مل وارا اهو ٻڌائين ته ڇا ريٽ ڏيندا.07

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل ڪري ملڪ کي امن، سلامتي ۽ خوشين جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو: صدر/نگران وزيراعظم

اسلام آباد  (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي …