Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / عمران خان پاران مسلم ليگ(ن) جي عدالت مخالف سرگرمين خلاف اسلام آباد ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو اعلان

Powered by free wordpress themes

عمران خان پاران مسلم ليگ(ن) جي عدالت مخالف سرگرمين خلاف اسلام آباد ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ دفعو ٻيهر مسلم ليگ (ن) جي عدالت مخالف سرگرمين جي خلاف اسلام آباد ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عدليه نوازشريف کي اڪامي تي نااهل ڪري اڳوڻي وزيراعظم کي روڊن تي نڪرڻ جو موقعو ڏنو مون جهڙو چيف جسٽس هجي ها ته سڌو جيل ۾ بند ڪري ڇڏي ها ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين تي پابندي لڳي چڪي آهي نوازشريف ان جي ويجهو پهچي چڪو آهي حديبيه ڪيس ۾ نون ثبوتن سان عدالت وينداسين اربع تي هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان ٻڌايو ته اسان جي پارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال مسلم ليگ (ن) جي عدليه مخالف مهم سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي پانامه ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ کي نوازشريف کي ڪوڙ ڳالهائڻ تي جيل ۾ وجهڻ گهرجي ها پر عدالت اڪامي تي فيصلو ڏيئي نوازشريف کي رستن تي نڪرڻ جو موقعو ڏيئي ڇڏيو اسان عدالت ۾ جيڪي ثبوت پيش ڪيا ۽ جي آءِ ٽي ۾ جيڪي ثبوت آڏو آيا انهن جي بنياد تي نوازشريف کي سڌو جيل ۾ بند ڪرڻ گهرجي ها هن چيو ته مون جهڙو چيف جسٽس هجي ها ته اڳوڻي وزيرااعظم کي جيل ۾ وجهي ڇڏي ها عمران خان چيو ته عدالت ۾ هڪ ڪوڙ پڪڙجڻ تي ڪيس ختم ۽ انهيءَ ڏينهن ٽن سالن لاءِ جيل ٿي وڃي ٿي نوازشريف جو سڀ کان وڏو ڪوڙ ان وقت پڪڙيو ويو جڏهن هن قطري خط پيش ڪيو پانامه ڪيس انهيءَ ڏينهن ختم ٿي ويو هو ٻيو ڪوڙ ان وقت پڪڙيو ويو جڏهن مريم نواز ۽ حسين نواز جي ٽرسٽ ڊيڊ ۾ ڪئليبري فائونڊ جي جعلسازي آڏو آئي ان تي به شريف خاندان کي جيل ٿي سگهي پيو عمران خان سڄي ملڪ ۾ هنگامي دورا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جلد اسلام آباد ۾ هڪ عام وڏو جلسو ڪندس جنهن ۾ عوام چورن جي خلاف ۽ عدليه ۽ انصاف سان گڏ بيهڻ جو ثبوت ڏيندي. عمران خان چيو ته نااهل شخص کي 300 ارب جي مني لانڊرنگ تي ڪڍيو ويو ان جي باوجود ڇو ڪڍيو جي طور تي نڪرندڙ نوازشريف جي ڀيٽ ۾ وڏو جلسو اسلام آباد ۾ ڪري ٻڌائيندس ته کيس ڇو ڪيو ويو هاڻي ايئن نه هلندو ته ڪرپشن ڪري پنهنجون تجوڙيون ڀريون وڃن ۽ جڏهن عدليه سزا ڏي ته تپيدارن کي گهرائي جلسا ڪيا وڃن ۽ عوامي عدالت جو راڳ ڳايو وڃي. هن چيو ته نوازشريف مني لاندرنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي مائٽ اسحاق ڊار کي وفاقي ناڻي وزير بڻايو ان باوجود عدالت ۾ مني ٽريل ثابت نه ڪري سگهيو ته قطري شهزادي جو خط کڻي آيو ۽ ڪيڏي شرم جي ڳالهه آهي ته ملڪ جو وزيراعظم اڪامي تي ٻاهرين ملڪ معمولي نوڪري به ڪري رهيو هو اهڙي شخص کي نااهل نه ڪيو وڃي ته ڇا ڪيو وڃي.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل ڪري ملڪ کي امن، سلامتي ۽ خوشين جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو: صدر/نگران وزيراعظم

اسلام آباد  (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي …