Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مضمون / چيني ٻولي قومي ٻولي آخر ڇو؟؟

Powered by free wordpress themes

چيني ٻولي قومي ٻولي آخر ڇو؟؟

اعتزاز احمد چانگ:

سنڌي قوم اھا عظيم قوم آھي جنهن کي اگر ڌرتي تي قديمي تھذيب يافته قومن جي فهرست ۾ شمار ڪيو وڃي ته غلط نه ٿيندو, ھي قوم جيڪا صدين کان پنهنجي ھڪ الڳ ثقافت, پنهنجي ٻولي ۽ جاگرافيائي نقشي ھيٺ پنهنجي الڳ سڃاڻ رکي ٿي, ان جي ارتقا ڪڏھن ٿي يا ڪئين ٿي ان بابت آئون ڪو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهان, ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي کي تباھ ٿئي تقريبن پنج ھزار سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي پر اھي ماڻھو جيڪي پنج ھزار سال پھرين به ٻه ماڙ گهرن ۾ رهندا هئا, گهٽين ۾ ھڪ بهترين ڊرينيج جي نظام کان آگاھ ھئا, جن کي ڦيٿي بابت ڄاڻ ھئي ۽ پڻ جنگي اوزارن کان چڱي نموني واقف هئا, جيڪي موسيقي ۽ رقص ۾ پڻ مهارت رکندا هئا ته انهن کي انهي ڄاڻ ۽ اگاهي تائين پهچندي يقينن ڪئي سال بلڪه صديون لڳيون هونديون. اھو ته کڻي ڪافي پراڻو ٿي ٿو وڃي پر اگر ڇهين عيسوي صدي تي ٿورڙي نظر ڦيرائجي ٿي ته سنڌ ايڏي خوشحال نظر اچي ٿي جو آس پاس جي سامراجي قوتن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان ڪُکي ٿي ۽ اھي قوتون ھن ڌرتي جنھن کي هي قوم ڪنهن دور ۾ سنڌو ماتا ڪري پوڄيندي رھي آھي, انھي جي حدن کي تاراج ڪرڻ لاء وقتن فوقتن ڪيئي حملا ڪنديون رهيون آھن, جنهن جي اثر يقينن اسان جي تاريخ ۽ اسان جي قوم سالميت تي گهرو اثر ڇڏيو آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو اڄ اسين پنهنجي تاريخ کان گهڻي ريت اڻ واقف آھيون

اسان سنڌي شايد ھميشه پنهنجي حد کان وڌيڪ مهمان نوازي جي ڪري به غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيا آھيون, جنهن جو مثال ايسٽ انڊيا ڪمپني جو تجارت جي آڙ ۾ ھتي اچڻ ۽ ان کان پھرين راجا ڏاهر جو ابن قاسم کي دريا پار ڪرڻ لاء ٻيڙيون ۽ ان کان پوء ايڏي وڏي دشمن فوج کي کاڌي پيتي جو سامان فراھم ڪرڻ انهي مهمان نوازي جو عظيم مثال آھي, جيتوڻيڪ اهيو ھڪ جرئت مندانا قدم نظر اچي ٿو پر شايد جنگ جي اصولن جي بر خلاف ۽ بادشاه جي غفلت پڻ چئي سگهجي ٿو, ان جو اثر جيڪو اڄ به اسان سڀني جي سامهون آھي جنهن مان جان ڇڏائڻ پڻ اسان لاء ڏينهون ڏينهن مشڪل کان مشڪل تر ٿيندو پيو وڃي.

انهن سڀني ڳالهين جي بر عڪس اڄ اسين معاشي ۽ سماجي طور تي پڻ غلام ٿي چڪا آھيون, ڪلھ تائين برطانيا جا غلام ۽ اڄ سي پيڪ جي نالي ھيٺ چين جا غلام, ڇا اسان جا جاهل حڪمران ان ڳالھ کي نٿا سمجهن?? يا پوء اهي به چند سڪن عيوض پنهنجي ضمير جو سودو ڪري چڪا آھن ۽ ھن سڄي عوام کي هميشه لاء هڪ ڀيرو ٻيهر غلام بڻائي پاڻ دنيا جي سير تي نڪتل آھن?

اسين سنڌي ۽ بنگالي 1947 واري دور کان پنهنجي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاء دانهون ڪندا پئي آياسين پر ان تي اسان جي حڪمرانن پنهنجي ذاتي مفادن خاطر قومي مفادن تي ڪو به ڌيان نه ڌريو ۽ اسان کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ اسان جي آواز کي نڙي کان نڪرڻ کان اڳ ئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ھن رياست کي اوڀر پاڪستان کان هٿ ڌوئڻا پيا,,

بنگال جي آزادي جو هڪ سبب هي به هو ته اتي رهندڙ عوام طبقاتي نظام کي ختم ڪري صرف هڪ ئي مقصد, ھڪ ئي جهنڊو ۽ ھڪ ئي نعرو هڻندي اڳتي وڌندي رهي, پر اسان سنڌي اڄ به هڪ ٻئي لاء دل ۾ نفرتون پالي جاگيردارن ۽ وڏيرن جا غلام بڻجي ٽن وقتن جي ماني عيوض پنهنجي عزت, عظمت ۽ ضمير جو سودو ڪريو ويٺا آھيون, انهي ڪري اسان جا حقوق پامال ڪيا پيا وڃن, ۽ اسين خاموش تماشائي بڻيل نظر اچون ٿا,

سنڌ جا معدني وسيلا جهڙوڪ تيل,گئس ۽ ڪوئلو ته پهرين کان قبضه مافيا جي قبضي ۾ آھن پر اڄ جڏهن آئون ڏسان ٿو ته اقتصادي راهداري جي منصوبي تحت چين هن ملڪ ۾ پنهنجا قدم مضبوطي سان ڄمائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي, ۽ اسان جي حڪمرانن جو الله ڀلو ڪري باقي هو جلد ڪامياب ٿيندا,جئين نظر اچي پيو سي پيڪ جي سيڪيورٽي جي آڙ ۾ هڪ لک چيني فوج جي هتي اچڻ جو معاهدو ته ڪافي پهرين کان ٿيل آھي پر ھاڻ چيني ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو منصوبو پڻ زير غور آھي, اگر ائين ٿيو ته اسان يقينن پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي جيڪا اسان جي سڃاڻ آھي ان کان به محروم ٿي وينداسين,

پهرين  ڌارين جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي اسان کي هميشه لاء انهن جو غلام بڻايو ويو ۽ هاڻ ان سان گڏ چيني ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو پيووڃي.

اڄ جيتوڻيڪ آئون قومپرست سياست کان نا اميد ٿي چڪو آھيان پر آئون انهن قومپرست اڳواڻن اڳيان هٿ ٻڌي عرض ڪريان ٿو ته سڀني سياسي اختلافن کي پاسي تي رکي سڀ گڏجي ڪري هڪ بنگالين جيان متحد ٿي ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاء جدوجهد ڪريو,, سنڌ جي اديبن, دانشورن ۽ سياسي سماجي ورڪرن کي گزارش آھي ته سڀ وڇوٽا ختم ڪريو هن وقت سنڌ جو مسطقبل اوهان جي هٿ ۾ آھي, سنڌ جي سڏ تي لبيڪ جو نعرو هڻي ميدان ۾ نڪري پئو ان ازم سان ته مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون.

 

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

پارٽي ٽڪيٽون ۽ سياسي پارٽيون

مسرورسيال : اليڪشن ايندي ئي پارٽيون پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کان پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون گھرائينديون …