Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / حيدرآباد لڳ ارڙي وگهي هڪ ئي گهر جا 4 ٻار فوت 11 ٻار اسپتال داخل، صحت کاتو اگهور ننڊ ستل

Powered by free wordpress themes

حيدرآباد لڳ ارڙي وگهي هڪ ئي گهر جا 4 ٻار فوت 11 ٻار اسپتال داخل، صحت کاتو اگهور ننڊ ستل

حيدرآباد/ ٽنڊو ڄام(نمائندن وٽان)حيدرآباد لڳ ڳوٺ ميوو حاجاڻو ۾ارڙي جي خطرناڪ بيماري پکڙجي وئي. ارڙي وگهي هڪ ئي گهر جا چار ٻار فوت،11 ٻار بيمار ٿي سول اسپتال حيدرآباد داخل، صحت کاتو اگهورننڊ ستل. ڳوٺاڻن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي. حيدرآباد جي مسو ڀرڳڙي لڳ ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي. هڪ ئي گهر جا چار ٻار فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 10 سالن جو نينگر جاويد پٽ شاهد، 5 سالن جي معصوم ٻارڙي نائلا ڌيءَ نور محمد، 3 سالن جو معصوم ٻارڙو غلام حسين پٽ شاهد ۽ 7 سالن جي نينگري سڪينا ڌيءَ شاهد شامل آهن. جڏهن ته ڄاڻايل ڳوٺ ۾ اچانڪ ارڙي جي بيماري پکڙجڻ ڪري 11 ٻارن کي سول اسپتال حيدرآباد داخل ڪرائڻ واري اطلاع تي صحت کاتو ننڊ مان سجاڳ ٿي متاثر ٿيل ڳوٺ ۾ پنهنجون ٽيمون روانيون ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته هڪ ئي ڳوٺ ۾ ارڙي جي خطرناڪ بيماري پکڙجڻ سبب ڳوٺاڻن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ان حوالي سان ڳوٺاڻن مامي امير بخش حاجاڻي جو چوڻ آهي ته  سندن هڪ ئي گهر جا چار ٻار ارڙي وگهي فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته ڪجهه ٻارڙن کي علاج لاءِ حيدرآباد سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

01

ڏيپارجا ويجهو ڪاتي سان ڳلو ڪپيل تشدد ٿيل نوجوان ناري جو لاش، گهر جي ڇت تان هٿ آيو، واقعو خودڪشي قرار

سيٺارجا( فاروق علي منڱڻيجو) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڏيپارجا ويجهو ڳوٺ شير محمد نوحپوٽو ۾ …