Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / عام چونڊون وقت تي ٿينديون، ملڪ ۾ جمهوريت کان سواءِ ڪو به دڳ نه آهي: وزيراعظم

Powered by free wordpress themes

عام چونڊون وقت تي ٿينديون، ملڪ ۾ جمهوريت کان سواءِ ڪو به دڳ نه آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (م-ڊ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ نوازشريف وچ ۾ ملاقات دوران پارٽي معاملن ۽ ملڪ جي موجوده صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملاقات ڪئي.ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ سينيٽ چونڊن ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات دوران وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ نوازشريف وچ ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون، ملڪ ۾ جمهوريت کانسواءِ ٻيو ڪو دڳ نه آهي، ملڪ رڳو جمهوريت جي ذريعي ترقي ڪري سگهي ٿو.وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان مسلم ليگ ضياءَ جي سربراهه اعجازالحق ملاقات ڪئي.ذريعن موجب، ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مشاورت ڪئي وئي.ملاقات دوران اعجاز الحق پاران وزيراعظم کي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي وئي.وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون، هن ملڪ ۾ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي.وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ رڳو جمهوريت ذريعي ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو.شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز ليگ جي قيادت تي اڳ به اهو وقت اچي چڪو آهي، پارٽي ان صورتحال کي منهن ڏئي ڪامياب ٿيندي، اهي نوازشريف کي عام ماڻهن جي دلين مان ڪيئن ڪڍندا.1

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل ڪري ملڪ کي امن، سلامتي ۽ خوشين جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو: صدر/نگران وزيراعظم

اسلام آباد  (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي …