Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / مريم نواز غلط بياني پئي ڪري، ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ پرڏيهي شاهد جو بيان قلمبند

Powered by free wordpress themes

مريم نواز غلط بياني پئي ڪري، ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ پرڏيهي شاهد جو بيان قلمبند

اسلام آباد (م ڊ) شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ استغاثا جي شاهد رابرٽ ريڊلي پنهنجو بيان وڊيو لنڪ وسيلي قلمبند ڪرائي ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب طرفان داخل ايون فيلڊ راپرٽيز ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي نامزد جوابدار ڪيپٽن(ر) محمد صفدر عدالتي ڪمري ۾ موجود رهيو. ٻين جوابدارن ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز اڄ حاضري کان ڇوٽ ملڻ سبب پيش نه ٿيا. لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ موجود رابرٽ ريڊلي وڊيو لنڪ وسيلي بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته نيلسن ۽ نيسڪول جي ڊڪليئريشن تي تاريخن جي تبديلي جي ڀيٽ ڪيو ۽ ٻنهي ڊڪليئريشن ۾ ٻيون ۽ ٽيون صفحو هڪ جهڙو آهي. شاهد چيو ته اهو ٻڌائڻ ناممڪن هو ته ڪهڙو صفحو اصل آهي ۽ ڪهڙو ان جي نقل جڏهن ته ٻنهي صفحن تي موجود تاريخن ۾ به تبديلي ڪئي وئي. رابرٽ ريڊلي موجب 2004ع کي تبديل ڪري 2006ع ٺاهيو ويو ۽ 6 جي جاءِ امڪاني طور تي اصل ۾ 4 داخل هئا، ظاهري طور تي ايئن لڳي ٿو ته ڪاغذ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪارنر پيس کي کوليو ويو ۽ دستاويزن تي 2 بدران 4 اسٽيپلر پن جا سوراخ هئا.  رابرٽ ريڊلي چيو ته مون دستاويز جي ٽائپنگ فونٽ جو به جائزو ورتو ڊڪليئريشن جي تياري ۾ ڪيلبري فونٽ استعمال ڪيو ويو جڏهن ته اهو فونٽ 31 جنوري 2007 تي ڪمرشل بنيادن تي موجود نه هو. ياد رهي ته نيب ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي سڌو سنئون جوابدار قرار ڏنو آهي.1

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل ڪري ملڪ کي امن، سلامتي ۽ خوشين جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو: صدر/نگران وزيراعظم

اسلام آباد  (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي …