Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / مسئلاحل نه ٿيڻ جو سبب هر ٻن چئن سالن کان پوءِ جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ آهي: احسن اقبال

Powered by free wordpress themes

مسئلاحل نه ٿيڻ جو سبب هر ٻن چئن سالن کان پوءِ جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته 70 سالن کان ملڪ جا مسئلا حل نه ٿيڻ جو بنيادي سبب هر ٻن چئن سالن کان پوءِ جمهوريت جي گاڏي کي پٽڙي تان لاهڻ آهي 2013 ۾ پاڪستان کي سب کان خطرناڪ ملڪ سڏيو ويندو پر 2018 ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ چيو وڃي ٿو خميس تي اسلام آباد ۾ وفاقي ۽ صوبائي نظام پوليس ۾ اختلاف جي عنوان تي سيمينار کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته پوليس ڪنهن به معاشري لاءِ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي ترقي جو امن سان سڌو ڳانڊاپو آهي ملڪ کي جنهن قسم جي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پوليس کان وڌيڪ موثر ادارو ڪوئي نه آهي پوليس ۽ فوج جي مدد سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي اسان ٿورڙن وسيلن سان اهي ڪاميابيون ماڻيون جو سپر پاور سمورا وسيلا لڳائي به حاصل نه ڪري سگهي هن چيو ته ملڪ جي پوليس نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي دنيا جو مشڪل ڪم نظام ۾ تبديلي آهي ان لاءِ سخت محنت جي ضرورت آهي ڏکين حالتن ۾ ري فارمز نٿا ٿي سگهن سسٽم انسانن سان ٺهندو آهي هڪ آءِ جي انهيءَ فورس سان بهترين ڪارڪردگي ڏي ٿو ٻه سال اڳ وفاقي پوليس کي ماڊل پوليس جو پروجيڪٽ ڏنو پر ان تي ڪوبه ڪم نه ٿيو پنهنجي مدي ختم ٿيڻ کان اڳ اسلام آباد پوليس کي ماڊل پوليس بڻائينداسين ماڊرن پوليسنگ لاءِ لنڊن ميٽرو پوليٽن پوليس سان به رابطي ۾ آهيون.02

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

نيب کي ڪو حق ناهي ته هر ماڻهو کي چور سمجهي پٽڪا لاهي: چيف جسٽس

سلاهور (اي پي پي)  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار قومي احتساب بيورو …