Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / پاناما ۾ پڪڙيل وزيراعظم پرڏيهي لابي کان مدد وٺي رهيو آهي: عمران خان

Powered by free wordpress themes

پاناما ۾ پڪڙيل وزيراعظم پرڏيهي لابي کان مدد وٺي رهيو آهي: عمران خان

لاهور( م ڊ )تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما ۾ پڪڙيل وزيراعظم پرڏيهي لابي کان مدد وٺي رهيو آهي، ٻاهر ويٺل ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ئي حلف نامي ۾ ترميم ڪئي، نوازشريف فوج کان بچڻ لاءِ ڳجهيون ملاقاتون ڪيون، هو نريندر مودي سان ڳجهيون ملاقاتون ڪندو آهي، اسان کي راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ جو انتظار آهي.لاهور ۾ ختم نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪهڙو سبب هو جو موجوده قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن ڳجهي طور تي حلف نامي کي تبديل ڪيو، جڏهن هت ٻه ڀيرا قانون واري وزير اسيمبلي ۾ چيو ته اسان ڪا به  تبديلي ناهي ڪئي.هن چيو ته قوم کي ٻڌايو ته ڳجهي طور تي ختم نبوت جي حلف نامي ۾ تبديلي ڇو ڪئي وئي، قوم نه وساريندي، پر قوم راجا ظفرالحق جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهي آهي.تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته وڌيڪ حلف نامي ۾ تبديلي جي معاملي تي جڏهن اهي پڪڙيا ويا ته معافي گهري ۽ ڪميٽي جوڙي، راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ سامهون اچڻ بعد فيصلو ٿيندو ته رپورٽ  ۾ شازش ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي يا نه؟پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته نوازشريف ۽ نريندر مودي ڳجهيون ملاقاتون ڪندا آهن، ڪهڙو ملڪ آهي، جنهن جو وزيراعظم اهڙيون حرڪتون ڪندو هجي.عمران خان چيو ته اسلامي رياست ۾ طاقتور کي عدالت سزا ڏيندي هئي ته ڪو به نه چوندو هو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو،انگريزن هتي ورهاست ڪيو ۽ حڪومت ڪيو جي پاليسي بڻائي پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته غريب ۽ پريشان ماڻهن لاءِ ملڪ ٺهيو ۽ هن ملڪ کي هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻڻو هو پر پاڪستان هڪ ننڍي طبقي لاءِ ملڪ بڻجي ويو آهي.هن چيو ته ڪرپٽ نظام سبب ملڪ ترقي نه پيو ڪري، ماڻهو نوڪرين لاءِ دربدر ڀٽڪي رهيا آهن، پرڏيهه وڃن ٿا ته رستي ۾ مري وڃن ٿا.عمران خان چيو ته پاناما ۾ پڪڙيل وزيراعظم پرڏيهي لابي کان مدد وٺي رهيو آهي، ٻاهر ويٺل ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ئي حلف نامي ۾ ترميم ڪئي.1……

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل ڪري ملڪ کي امن، سلامتي ۽ خوشين جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو: صدر/نگران وزيراعظم

اسلام آباد  (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي …