Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / سنڌ جون خبرون / ڪنري لڳ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، 2 پورهيت فوت، 7 ڄڻا زخمي

Powered by free wordpress themes

ڪنري لڳ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، 2 پورهيت فوت، 7 ڄڻا زخمي

ڪنري(رپورٽ:انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري لڳ ڳوٺ رسول آباد ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور کان بي قابو ٿي روڊ تي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه پورھيت سيتو ڪولھي ۽ صالو ڪولھي ٽرالي جي ھيٺان دٻجي تڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ست ڄڻا ڀيمون ڪولھي، خانداس ڪولھي، وينجھو ڪولھي، ڪيول ڪولھي، آسن ڪولھي، ڀورو ڪولھي ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور محمد حنيف ماڇي زخمي ٿي پيا، فوتي ۽ زخمين کي ڪنري پوليس تعلقه اسپتال ڪنري کڻي آئي، جڏھن ته نازڪ حالت ۾ ٻن زخمين خانداس ۽ ڀيمون کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، حادثي جي شڪار ٿيل فوتي ۽ زخمي ٿيندڙ مزدور ھئا، پنجاھ کان وڌيڪ مرد، عورتون ۽ ٻار ٽرالي تي سوار ٿي نبي سر ٿر کان ڍڪ واري ڳوٺ ۾ زميندار اشرف لال دين جي ڪڻڪ جي لاباري لآءِ وڃي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو، زخمين ٻڌايو ته ٽريڪٽر ٽرالي جو ڊرائيور محمد حنيف ماڇي شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٽريڪٽر ھلائي رھيو ھو، تيز رفتاري سبب ٽريڪٽر هن کان بي قابو ٿي ڪلٽي ٿيو، پوليس ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته فوتين جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.1

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

01

ڏيپارجا ويجهو ڪاتي سان ڳلو ڪپيل تشدد ٿيل نوجوان ناري جو لاش، گهر جي ڇت تان هٿ آيو، واقعو خودڪشي قرار

سيٺارجا( فاروق علي منڱڻيجو) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڏيپارجا ويجهو ڳوٺ شير محمد نوحپوٽو ۾ …