Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / موجوده حڪومت پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍي خوشحالي واري دڳ تي آڻي ڇڏيو آهي: خرم دستگير

Powered by free wordpress themes

موجوده حڪومت پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍي خوشحالي واري دڳ تي آڻي ڇڏيو آهي: خرم دستگير

لاهور (اين اين آءِ) بچاءُ واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير چيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍي خوشحالي جي رستي تي آندو آهي حڪومت سرحدي ترقي لاءِ مٿالي ڪردار ادا ڪري رهي آهي نوازشريف ملڪ ۾ بيپناهه ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سندر انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ پينٽ فيڪٽري جي افتتاحي تقريب جي دوران ڪيو افتتاحي تقريب ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مير شير ايگزيڪيوٽو جنرل مينيجر سيلز اسد منير ۽ صنعتڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي خرم دستگير افتتاح جي موقعي تي پينٽ فيڪٽري جي مختلف يونٽن جو دورو ڪيو هن چيو ته اسٽيٽ آف دي آرٽ انڊسٽري ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ملڪ ۾ نيون صنعتون قائم ڪرڻ ۽ سيڙپ ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي هن چيو ته صنعتي ويليو ايڊيشن سان شين جو معيار بهتر ٿيندو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني شين جي گهرج تي وڌندي حڪومت صنعتي ترقي لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.6

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

12

پيپلز پارٽي عوام کي ڏکن ۽ تڪليفن کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏيئي سگهي، عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي: سيد محمد راشد شاهه راشدي

پير جو ڳوٺ (رپورٽ:عبدالفتاح خلجي) اليڪشن 2018ع جي سلسلي ۾ جي ڊي اي پاران پي …