Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / مُکيه خبرون / نواز شريف کي چيو هو ته عدليا ۽ فوج سان ويڙهه نه ڪرڻ گهرجي، فارورڊ بلاڪ نه پيو بڻجي نه ئي ڪا ڌڙابندي آهي: چوڌري نثار

Powered by free wordpress themes

نواز شريف کي چيو هو ته عدليا ۽ فوج سان ويڙهه نه ڪرڻ گهرجي، فارورڊ بلاڪ نه پيو بڻجي نه ئي ڪا ڌڙابندي آهي: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته نوازشريف کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو اسان کي عدليه ۽ فوج سان ويڙهه نه ڪرڻ گهرجي پرويز مشرف جو نالو حڪومت نه پر عدالت اي سي ايل مان ڪڍيو علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت عدالت ڏني ۽ گهرو وزارت ڪنهن به شخص جي واپسي جي گارنٽي نٿي کڻي پاڪستان جي ويزا پاليسي وڌيڪ سخت هئڻ گهرجي سياست ۾ پنهنجن اصولن تي سوديبازي نه ڪرڻ رستو ڪڍڻ جو نالو آهي جوتا هڻڻ پاڪستان ۾ افراتفري وجهڻ جو عمل آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي چونڊ تڪ ۾ جيڪي ماڻهو منهنجي متبادل جي تلاش ڪري رهيا آهن انهن جي اليڪشن ۾ ضمانت ضبط ٿيندي ڪوئي فارورڊ بلاڪ نه پيو بڻجي ۽ نه ڪائي ڌڙا بندي ٿي رهي آهي پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته جڏهن اسان 2013 ۾ حڪومت سنڀالي ته ويزا جا معاملا مشڪلات جو شڪار هئا پر گهرو وزارت ان حوالي سان پاليسي تيار ڪئي چوڌري نثار چيو ته مان اهو طئي ڪيو ته جهڙي طرح سان ڪوئي ملڪ اسان کي ويزا ڏي ٿو اسان به ان کي اهڙي طرح ويزا ڏينداسين ۽ ڪوئي ملڪ اسان کان جيتري فيس وصول ڪري ٿو اسان به ان کان اوترو فيس وصول ڪنداسين اڳوڻي گهرو وزير چيو ته اهڙا اهڙا ماڻهو ويزا وٺي پاڪستان آيا جيڪي ملڪ جي سيڪيورٽي لاءِ ڳڻتي جوڳا هئا اسلام آباد ۾ اهڙا اهڙا ماڻهو آيا جن جي حڪومت کي خبر نه آهي ته اهي ڇو پاڪستان ۾ رهن ٿا پر مان 400 گهرن جا دروازا کولرايا ته چيو ويو ته هي ماڻهو سفارتڪار آهن. هن چيو ته منهنجو هڪ ئي سوال هو ته مون کي دنيا جو ڪو ملڪ ٻڌايو جتي سفارتڪار رهندا هجن ۽ حڪومت کي ان جو علم نه هجي بدقمستي آهي جو هن ملڪ ۾ ماڻهو شين کي جلد وساري ڇڏين ٿا هن چيو ته مان ويزا پاليسي ۾ سختي ڪئي ۽ ان کي وڌيڪ سخت هئڻ گهرجي جيڪڏهن ڪوئي منهنجن فيصلن کي چئلينج ڪرڻ گهري ٿو ته ان لاءِ عوامي فورم ۽ عدالت موجود آهي. هن چيو ته اسيمبلي ۾ چيو ويو ته حڪومت جي اي سي ايل جي حوالي سان ڪا پاليسي نه آهي جنهن تي اسان جي پارليماني سيڪريٽري ٻڌايو ته اسان جي پاليسي ميرٽ واري پاليسي آهي هن ٻڌايو ته 2013 کان اڳ اي سي ايل جي حوالي سان ڪا پاليسي نه هئي جيڪڏهن سال مڙس وچ ۾ جهيڙو ٿيندو هو ته گهرو وزارت سيڪريٽري يا وزير جي چوڻ تي نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويندو هو پر اسان ان حوالي سان باقاعده پاليسي آندي جنهن کي قانوني شڪل ڏني ويئي. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته مسلم ليگ (ن) سان 33 سالن کان ويجهڙائپ آهي منهنجي پارٽي ۽ مان پنهنجي معاملا طئي ڪنداسين اعتزازاحسن کي پنهنجي پارٽي جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي هن چيو ته اعتزازاحسن اهو ڏسي ته زرداري صاحب مقبول آهي يا بلاول ڀٽو زرداري اعتزاز هڪ ڏينهن بلاول ۽ ڀٽو جي ووٽ بئنڪ جي به ڀيٽ ڪري.1

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

12

پيپلز پارٽي عوام کي ڏکن ۽ تڪليفن کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏيئي سگهي، عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي: سيد محمد راشد شاهه راشدي

پير جو ڳوٺ (رپورٽ:عبدالفتاح خلجي) اليڪشن 2018ع جي سلسلي ۾ جي ڊي اي پاران پي …