Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / پرڏيهي خبرون / اسرائيلي فوج جي احتجاج ڪندڙ خالي هٿين فلسطينن تي فائرنگ، 52 فلسطيني شهيد

Powered by free wordpress themes

اسرائيلي فوج جي احتجاج ڪندڙ خالي هٿين فلسطينن تي فائرنگ، 52 فلسطيني شهيد

غزه(م-ڊ) اسرائيلي فوج احتجاج ڪندڙ خالي هٿين فلسطينين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب 48 فلسطيني شهيد ٿي ويا.  عرب ميڊيا جي موجب غزه جي پٽي تي فلسطنين والاريل بيت المقدس ۾ آمريڪي سفارتخاني جي متقلي واري فيصلي جي خلاف احتجاج ڪيو جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گريٽ مارچ آف ريٽرن ۾ شرڪت جي لاءِ فلسطينين جو وڏو انگ غزه ۾ موجود هو جنهن اسرائيلي جي قيام کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي احتجاج ڪيو. اسرائيلي فوج احتجاج ڪندڙ خالي هٿين فلسطينين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 14 سالن جي نينگر سميت 48 ڄڻا شهيد ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. فلسطين جي صحت واري وزارت جي اختيارين موجب اسرائيلي فوجين جي فائرنگ، شيلنگ ۽ بن حملن ۾ 1700 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا. اختيارين موجب زخمين ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر وارا 74 ٻار، 23 عورتن ۽ 8 صحافي به شامل آهن.07

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05

روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جي ملاقات

انقره (م-ڊ) روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان والاريل …