Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / پرڏيهي خبرون / پاڪستان لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

Powered by free wordpress themes

پاڪستان لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

لنڊن (اين اين آءِ) پاڪستان پاڻ کان مضبوط حريف ٽيم انگلينڊ کي شاندار بالنگ، بيٽنگ، پرفارمنس سبب پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو، ڇوٿين ڏينهن راند شروع ٿي ته انگلينڊ جي ٽيم پنهنجو اسڪور وڌائي نه سگهي، محمد عامر ۽ عباس انگلينڊ جي ٽيم جو وارو ختم ڪري ڇڏيو، پاڪستاني بيٽسمين امام الحق 18 ۽ حارث سهيل 39 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، پاڪستاني رانديگرن 64 رنسن جو حدف 9 وڪيٽن تي صرف 13 اوورز ۾ پورو ڪري ورتو، آچر تي انگلينڊ جي ٽيم چوٿين ڏينهن پنهنجي اڻپوري اننگز جي شروعات 6 رانديگر آئوٽ ٿيڻ 235 رنسن سان ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني بالرز اڳيان انگلش رانديگر گهڻي دير تائين بيهي نه سگهيا ۽ سڄي ٽيم 242 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، اهڙي طرح انگلينڊ پاران ڏنل 64 رنسن جو حدف پورو ڪرڻ ۾ پاڪستان پاران اظهر علي ۽ امام الحق اننگز شروع ڪئي، جڏهن ته ٽوٽل 12 رنسن تي اظهر علي 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، اظهر جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ امام الحق جو ساٿ ڏيڻ لاءِ هارث سهيل وڪيٽ تي آيو ۽ ٻنهي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي فتح ڏياري، هارث سهيل چوڪو هڻي ميچ ختم ڪئي، هارث سهيل 32 بالن تي 39 ۽ امام الحق 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي انگلينڊ خلاف ڪاميابي تي قوم کي مبارڪ ڏني، هن ڪپتان سرفراز احمد، ڪوچ مڪي آرٿر ۽ ٻين ڪوچز کي به مبارڪون ڏنيون.02

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

05

روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جي ملاقات

انقره (م-ڊ) روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان والاريل …