Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل ڪري ملڪ کي امن، سلامتي ۽ خوشين جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو: صدر/نگران وزيراعظم

Powered by free wordpress themes

اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل ڪري ملڪ کي امن، سلامتي ۽ خوشين جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو: صدر/نگران وزيراعظم

اسلام آباد  (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي سڄي دنيا جي مسلمانن کي ۽ خاص طور تي پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هن اسان کي رمضان المبارڪ جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو، الله تعاليٰ اسان جون عبادتون قبول فرمائي. عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عيدالفطر جو ڏينهن رمضان المبارڪ جي حوالي سان رحمت الاهي جي پڄاڻي وارو ڏينهن ۽ شڪر جو ڏينهن آهي. الله تعاليٰ جي اڻ ڳڻين نعمتن ۽ رحمت جي گهرج آهي ته اسان الله تعاليٰ جي حڪمن جي روشني ۾ پنهنجا ڏينهن رات روشن ڪريون ڇو ته اهو ئي صراط مستقيم آهي جنهن تي هلي اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا، رمضان مهيني جون عبادتون تقويٰ، ضبط نفس، ايثار ۽ قرباني جهڙين خوبين کي وڌيڪ اجاگر ڪن ٿيون، ديني ۽ دنياوي ڪاميابي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان پورو سال ان ئي جذبي ۽ ان ئي طرز عمل جو مظاهرو ڪريون ته جيئن اسان پنهنجي زندگين کي اسلام جي تعليم موجب صحيح معنيٰ ۾ آڻي سگهون. اڄ جو ڏينهن عيد جون خوشيون ملهائيندي ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته اسان پنهنجي مائٽن، پاڙيسرين ۽ ڀرپاسي رهندڙ ضرورتمند ڀينرن ڀائرن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪريون ڇو ته عيد جي حقيقي خوشي رڳو ان ئي صورت ۾ حاصل ٿئي ٿي جڏهن ان ۾ سمورا ماڻهو شريڪ هجن، اها ئي اسان جي مذهب جي تعليم آهي ۽ اسان جي معاشري جي وصف آهي. اچو اڄ جي ڏينهن پنهنجي غيرمسلمان ڀائرن کي پڻ پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪريون ۽ پنهنجي معاشري جي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جو عملي ثبوت پيش ڪريون. اڄ جي ڏينهن اسان کي ملڪ جي انهن فرزندن کي پڻ ياد رکڻو آهي جن ملڪ جي حفاظت ۽ ان کي اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ ملڪ کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي ۽ پاڪستان کي امن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائي.  صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل پيرا ٿي معاشرتي اڻ برابرين کي ختم ۽ ملڪ کي امن، سلامتي ۽ خوشين جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه عيدالفطر جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر چيو ته عيدالفطر شڪراني ۽ خوشي جو عظيم ڏينهن آهي، ان ڏينهن جي اچڻ تي آئون پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آئون دعاگو آهيان ته الله تعاليٰ نيڪين جي موسم بهار يعني رمضان المبارڪ ۾ ڪيل عبادتن سان ملندڙ تربيت ذريعي اڄ جي ڏينهن جي برڪت سان ملڪ کي امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو گهوارو بڻائي ۽ اسان جا مسئلا حل فرمائي. هن  چيو ته رمضان المبارڪ تربيت ۽ تياري جو مهينو آهي، هن مهيني ۾ ملندڙ تربيت ۽ تزڪيه نفس اسان کي سيکاري ٿو ته سال جي باقي ڏينهن بلڪه زندگي جي ايندڙ معاملن کي ڪيئن هلائڻو آهي، انهن مقدس ڏينهن ۾ زبان، اک ۽ هٿ پير جي عبادت جي جنهن غيرمعمولي تصور جي  اسان کي تربيت ملي ٿي ان جو تعلق زندگي جي سمورن معاملن ۽ سمورن رخن سان آهي پر حسن اتفاق سان ايندڙ ڪجهه مهينن دوران ان جي اهميت تمام گهڻي آهي. صدر چيو ته منهنجو اشارو چونڊ عمل طرف آهي، اهڙي ڪيفيت ۾ سياسي مهم جوئي ۽ اڳتي وڌڻ جي خواهش جي ڏس ۾ انسان کان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪيتريون ئي ڪوتاهيون ٿي وڃن ٿيون جيڪي عبادت جي ان تصور جي خلاف آهن جنهن سان دلين ۾ ميل پيدا ٿئي ٿي ٿو ۽ ويڇا وڌن ٿا، ان لاءِ سياسي ڪارڪنن، لاڳاپيل ڌرين ۽ پوري قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته رمضان المبارڪ مهيني ۾ ملندڙ ان تربيت کي نه رڳو چونڊن جي وقت پر ايندڙ زندگي جي هر محلي تي زندگي جو اهم جز بڻائين ته جيئن ملڪ کي امن، سلامتي ۽ خوشين جو گهوارو بڻائي سگهجي. هن چيو ته هن مقدس مهيني ۾ تزڪيه نفس جي روحاني تجربن مان عملي طور تي گذرڻ سان اسان کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي مشڪلاتن جو اندازو ٿئي ٿو، ان سان همدردي جا جذبا وڌن ٿا ۽ اسان دل کولي انهن جي مدد جي لاءِ پنهنجو هٿ اڳتي وڌايون ٿا. ان موقعي تي اسان پنهنجون مالي عبادتون يعني زڪوات، فطرو ۽ ٻيا صدقا حقدارن تائين پهچائي انهن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪري سگهون ٿا،  اها ئي اسلام ۽ رمضان جي اصل تعليم آهي جن تي عمل ڪري اسان معاشرتي اڻ برابرين کي گهٽ ۽ زندگي کي جيئڻ جي قابل بڻائي سگهون ٿا. صدر چيو ته هن مبارڪ گهڙين ۾ رب ڪعبي جي آڏو دعاگو آهيان ته ملڪ کي امن ۽ ترقي جو گهوارو بڻائي ۽ اسان کي سدائين پنهنجي نعمتن سان نوازيندو رهي.1

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

پاڪستان افغانستان ۾ مفاهمت ۽ امن جي سمورن قدمن جي حمايت جو يقين ڏياري ٿو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته …