Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊن پهچي ويا

Powered by free wordpress themes

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊن پهچي ويا

لاهور (اين اين آءِ( پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي تاحيات قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف ۽ ان جي نياڻي مريم نواز لنڊن پهچي ويا. ٻنهي اڳواڻن لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئر پورٽ تان غير ملڪي ايئرلائين  جي ذريعي براه راست دوحه لنڊن روانا ٿيا. جاتي امراء کان ايئرپورٽ روانگي جي موقعي تي ڪارڪنن جي وڏي تعداد انهن کي روانو ڪيو ۽ گاڏي گلن جي ورکا ڪئي. نوازشريف ۽ مريم نواز لنڊن ۾ هڪ هفتي تائين قيام ڪندا ۽ اتي علاج هيٺ ڪلثوم نواز جي عيادت ڪندا ۽ عيد به ملهائيندا. روانگي جي موقعي تي مريم نواز ٽوئٽ ڪندي چيو ته الده سان ملڻ جي بيتاب آهيان، لنڊن مان ايندڙ هفتي واپسي ٿيندي مريم نواز والده جي صحتيابي جي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي ۽ عيد جي موقعي تي سڀني لاءِ نيڪ تمنائن جو به اظهار ڪيو. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ان جي خاندان جا ٻيا افراد احتساب عدالت ۾ قومي احتاب بيورو پاران دائر ريفرنسز کي منهن ڏيئي رهيا آهن. جڏهن ته احتساب عدالت پاران انهن کي حاضري کان هڪ هفتي جو استثنيٰ به نه ڏنو ويو هو.02

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

پاڪستان افغانستان ۾ مفاهمت ۽ امن جي سمورن قدمن جي حمايت جو يقين ڏياري ٿو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته …