Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / حر جماعت ۽ عقيدتمندن جي قافلن جي درگاهه شريف پير جو ڳوٺ آمد جو سلسلو جاري

Powered by free wordpress themes

حر جماعت ۽ عقيدتمندن جي قافلن جي درگاهه شريف پير جو ڳوٺ آمد جو سلسلو جاري

پيرجوڳوٺ (ن-م) ڪنگري تعلقي ۾ عيدالفطر جي سلسلي ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيندا، سڀ کان وڏو عيد اجتماع خانقاهه پيرپاڳاران تي ٿيندو جنهن جي امامت خانقاهه جو مرشد پير سيد سراج احمد گيلاني ڪندو، عيد نماز ۾ حرجماعت جو روحاني پيشوا اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا،  اڳوڻو وفاقي وزير سيد صدرالدين شاهه راشدي، سيد محمد راشد شاهه راشدي، سيد عمر مصطفيٰ شاهه راشدي، سيد اسماعيل شاهه راشدي ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، جڏهن ته عيدالفطر جي عيد نماز ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي روحاني پيشوا جي زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ ۽ روحاني خطاب مان فيضياب ٿيڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان حرجماعت ۽ عقيدتمندن جي قافلن جي  درگاهه شريف پيرجوڳوٺ آمد جو سلسلو جاري آهي، جيڪو عيدالفطر (اڄ) ڇنڇر جي باک ڦٽيءَ تائين جاري رهندو، جڏهن ته عيدالفطر جي سلسلي ۾ ڪنگري تعلقي جي احمدپور پريالوءِ، ڪوٽ مير محمد، هادل شاهه، ڀٽيون، مهيسر وڏا، منگهنواري، نورپور، راهوجا، موهل، الرا، پيربادل سميت پيرجوڳوٺ جي مختلف محلن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيندا، ميونسپل ڪميٽي پيرجوڳوٺ طرفان عيدالفطر جي موقعي تي پيرجوڳوٺ جي تمام عيدگاهن طرف ايندڙ ويندڙ رستن جي صفائي سٿرائي جو انتظام بهتر بڻايو ويو آهي جنهن جي نگراني ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين سيد نجيب الله شاهه راشدي پاڻ ڪري رهيو هو.

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

پاڪستان افغانستان ۾ مفاهمت ۽ امن جي سمورن قدمن جي حمايت جو يقين ڏياري ٿو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته …