Powered by free wordpress themes

مُکيه صفحو / تازه ترين / پ پ عام چونڊن ۾ شڪست کي ڏسندي الزامن تي لهي آئي آهي: فنڪشنل ليگ اڳواڻ

Powered by free wordpress themes

پ پ عام چونڊن ۾ شڪست کي ڏسندي الزامن تي لهي آئي آهي: فنڪشنل ليگ اڳواڻ

ڪراچي( بيورو رپورٽ )پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي اڳواڻن اڳوڻي ايم اين اي سيد ڪاظم علي شاهه ,سيد محرم علي شاه ,مير شاهنواز ٽالپر پنهنجي گڏيل بيان ۾  چيو آهي ته پيپلز پارٽي عام چونڊن م پنهنجي شڪست کي ڏسندي الزامن تي لهي پئي آهي سنڌ جو باشعور  عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي بدترين شڪست ڏئي پاڻ سان ٿيل زيادتين جو پلاند وٺندو ,هنن چيو ته اڄ پيپلز پارٽي جي حالت اها آهي جو  پنجاب م کين اميدوار به نٿا ملن ,سنڌ م پيپلز پارٽي جا جيالا پنهنجن اميدوارن جي سامهون اليڪشن وڙهي رهيا آهن جنهن ڪري پيپلز پارٽي کي شڪست کان ڪير به بچائي نٿو سگهي. هنن چيو ته خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ سدائين ڪوڙا خواب ڏسندڙ وياج جو بادشاهه منظور وساڻ اهو ڪئين ٿو چئي ته جي ڊي اي چونڊ ملتوي ڪرائڻ جو مطالبو پئي ڪري اسان چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺون پيا ۽ پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ تاريخي شڪست ڏينداسين. هنن چيو ته وساڻ ڀائر پهرين پنهنجون سيٽون ته بچائن ڇاڪاڻ ته نواب وساڻ چونڊن کان اڳ ئي پنهنجي شڪست تسليم ڪري چڪو آهي ۽ منظور وساڻ کي شڪست کان ڪير بڇائي نه سگهندو چاڪاڻ ته هاڻي پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا خواب ڏسڻ چڏي ڏئي.  اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران پولنگ اندر ۽ ٻاهران فوج کي مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي ڀليڪار ڪيون ٿا چاڪاڻ ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ماسٽر مائينڊ آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ اهو فيصلو وقت جي اهم ضرورت آهي.0

 

بابت محمد بخش مهراڻ

هي پڻ ڏِسو

پاڪستان افغانستان ۾ مفاهمت ۽ امن جي سمورن قدمن جي حمايت جو يقين ڏياري ٿو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته …