بريڪنگ نيوزسنڌ

ٺل ڀرسان گهر تي حملي دوران زخمي ٿيل عورت اسپتال ۾ فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ٺل (رپورٽ: فيض سومرو) ڪجھه ڏينهن اڳ ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سردار محمد ميان سومرو ڪالوني ۾ بکراڻي برادري جي ماڻهن پاران پورهيت حارف لاشاري جي گھر تي حملي ۾ زخمي ٿيل حارف لاشاري جي پيرسن امڙ جندل خاتون ڌڪن جا سور نه سھندي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آھي، قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاشاري برادري پاران پيرسن عورت جو لاش ايمبولنس جي سهولت نه هجڻ سبب ڊاٽسن ذريعي کڻائي تعلقه اسپتال آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش کي رھبر چوڪ تي رکي عورتن ۽ مردن پاران ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ڪجهھ دير تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي حارف لاشاري، سڄڻ خان لاشاري، سڪندر لاشاري ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته بکراڻي برادري جا 9 ماڻھو لٺيون، ڪهاڙيون ۽ پسٽل ساڻ کڻي اسان جي گھر تي بلا جواز حملو ڪري ڀڄ ڊاھ ڪرڻ بعد عورتن تي لٺيون وسائي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو آھي ۽ حملي ۾ چار عورتون مائي جندل خاتون لاشاري، وزيران، واڌل خاتون، حوران خاتون لاشاري کي زخمي ڪري ويا هئا. هن چيو ته حد جي پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس نه پهتي ۽ 9 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آھي ان جي باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي، هنن چيو ته زخمي عورت جندل خاتون ڌڪن جي سٽ نه سهندي تڙپي تڙپي  فوت وئي ٿي آھي، پيرسن مقتولا جي پٽن سڄڻ لاشاري ۽ حارف لاشاري ميڊيا کي ٻڌايو ته عورتن تي حملو ڪندڙ خير محمد بکراڻي، جان محمد، نظر محمد، مور خان، شير خان، تاج محمد، منصب خان، محمد خان بکراڻي هڪ نامعلوم شخص منهنجي امڙ جندل خاتون جا قاتل آھن، هنن چيو ته حملو ڪندڙ بااثر ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻھو آھن.هنن چيو ته قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو، هنن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان امڙ جندل خاتون جا قاتل گرفتار ڪري اسان مسڪينن سان انصاف ڪري گهر ۽ پلاٽ تي قبضي ڪرڻ کان بچائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button