تازيون خبرون
مکيه صفحو / خاص خبر / سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم کي بني گالا وارو گھر ريگيولرائيز ڪرائڻ جو حڪم، اڄ ئي عمل نه ٿيو ته کيس طلب ڪيو ويندو: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم کي بني گالا وارو گھر ريگيولرائيز ڪرائڻ جو حڪم، اڄ ئي عمل نه ٿيو ته کيس طلب ڪيو ويندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار بني گالا ۾ ملڪيتن جي ريگيولائيزيشن نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي چئو اڄ ئي ريگيولائيزيشن ڪرائي سڀ کان اڳ هو پاڻ فيس جمع ڪرائي، عدالتي حڪم تي عمل ڪري ٻين لاءِ مثال بڻجي، سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 ميمبرن تي ٻڌل بني گالا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت ملڪيتن کي ريگيولائيزيشن نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ کي چيو ته وزيراعظم کي ٻڌايو ته ريگيولائيزيشن ڪرائي، ليڊر کي مثال قائم ڪرڻو پوي ٿو، هي توهان لاءِ سٺو نه ٿيندو، چيف جسٽس چيو ته 10 ڏينهن جو وقت ڏنو هو، اڃاتائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گهرو سيڪريٽري عدالت جي حڪم تي قائم ريگيولائيزيشن ڪميٽي جو اجلاس سڏايو آهي، رڳو 10 ڏينهن جي مهلت ڏيو، جسٽس ثاقب نثار چيو ته هڪ ڏينهن جي به مهلت نه ڏينداسين، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اڄ گهرو سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ڪميٽي جو اجلاس آهي، 3 وڳي تائين مهلت ڏيو، ان تي عدالت رات 10 وڳي کان اڳ خاص قدمن بابت آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڱاري تي ٻيهر ٿيندي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته سي ڊي اي ملڪ جي سڀ کان ڪرپٽ ادارن مان هڪ آهي، سومر تي سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ پلاٽس جي غير قانوني الاٽمينٽ بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سي ڊي اي پاڪستان جي سڀ کان ڪرپٽ ادارن مان هڪ آهي، لڳي ٿو ته چيئرمين سي ڊي اي ادارو هلائڻ جي اهل نه آهي، عدالت ۾ سي ڊي اي چيو هو ته درخواست ڏيندڙ الاٽمينٽ جي اهل آهن پر اڄ سي ڊي اي چوي ٿو ته الاٽمينٽ جي اهليت نه آهي، سي ڊي اي جا ميمبر خوشحال خان ۽ ارشد گڙٻڙ ڪري رهيا آهن، سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته چيئرمين هر هڪ جي نظر ۾ اهليت جي ڳالهه ڪئي هئي، رڪارڊ جي جائزي کانپوءِ موقف تبديل ڪيو، عدالت سي ڊي اي کان پلاٽس جي الاٽمينٽ بابت لکت ۾ جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 5

ھي به ڏسو

جيڪو وزير صحيح ڪم نه ڪندو ان کي تبديل ڪري ڇڏيندس، پنجاب ۽ ڪي پي جا وڏا وزير به پنهنجي ٽيم تي نظر رکن: وزيراعظم

اورڪزئي ايجنسي (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان آئنده به ڪابينا ۾ تبديلي جو اعلان …

اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا اڄ حر جماعت ۽ عقيدتمندن کي زيارت جو شرف بخشيندا

رحيم يار خان (نمائنده خصوصي)  حر جماعت جو روحاني پيشوا، فنڪشنل مسلم ليگ ۽ گرينڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے