تازيون خبرون
مکيه صفحو / خاص خبر / وفاقي حڪومت پاران وڳوڙ ۽ فساد ڪرائيندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي جو فيصلو، خادم حسين رضوي سميت سوين ماڻهن خلاف ڪيس داخل

وفاقي حڪومت پاران وڳوڙ ۽ فساد ڪرائيندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي جو فيصلو، خادم حسين رضوي سميت سوين ماڻهن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد (اين اين آءِ)وفاقي حڪومت وڳوڙ ۽ فساد ڪرائيندڙ عنصرن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. مواصلات جي مملڪتي وزير مراد سعيد واضح ڪيو آهي ته نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر ويز جي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو مواصلات جي مملڪتي وزير مراد سعيد چيو ته گهرو وزارت سميت وفاقي حڪومت جي ٻين کاتن مان ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جي نشاندهي لاءِ مدد گهري ورتي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڀريل وڊيوز ۽ تصويرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو هن چيو ته پاڪستان جو آئين پرامن احتجاج جي اجازت ڏي ٿو مراد سعيد چيو ته احتجاج جي قيادت پاران انهن شرپسندن کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان سٺي ڳالهه آهي مراد سعيد چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي. مراد سعيد چيو ته انهن ملڪيتن جي تعمير ۽ مرمت تي اربين رپين جا خرچ ٿيندا. هن چيو ته احتجاج جو فائدو وٺي قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان ڏيندڙن کي نه ڇڏينداسين. مراد سعيد چيو ته شرپسندن عنصرن جي نشاندهي ڪري کين ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. گهرو وزارت واضح ڪيو آهي ته پرامن مظاهري جي آڙ ۾ شرپسند عنصرن ملڪيتن ۽ بيگناهه شهرين کي نقصان پهچايو سندس خلاف ڪارروائي ٿيندي. گذريل ٽن ڏينهن جي ملڪي صورتحال کان پوءِ گهرو وزارت متحرڪ ٿي ويئي ۽ پنهنجي جاري هڪ بيان ۾ واضح ڪيو ته پرامن مظاهري جي آڙ ۾ شرپسند عنصرن ملڪيتن ۽ هٿين خالي شهرين کي نقصان پهچايو انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي گهرو وزارت چيو ته عالمن سڳورن چيو هو ته ڀڃ ڊاهه ۾ اسان نه آهيون شرپسند عنصر ملوث آهن انهن جي ڳالهه جو احترام ڪيون ٿا گهرو وزارت چيو ته شرپسندن جي نشاندهي لاءِ گهرو وزارت قدم کڻي رهي آهي شهريار آفريدي کي مختلف ادارن پاران ڄاڻ ڏني ويئي جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪئي ويئي گهرو وزارت مطابق ايف آءِ اي جو سائبر ونگ ۽ پي ٽي اي سوشل ميڊيا تي شر انگيز مواد جو جائزو وٺي رهيا آهيون. شرپسند عنصرن جي فورنزڪ ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ لاءِ چيئرمين پي ٽي اي ۽ سائبر ڪرائيم ونگ کي هدايت ڪئي ويئي آهي ترجمان مطابق سوشل ميڊيا تي چڙ ڏياريندڙ ۽ نفرت جوڳو مواد پکيڙيندڙن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي پنجاب حڪومت ۽ ٻين ادارن کان نقصان جو تفصيل طلب ڪري ۽ گهرو وزارت شرپسندي ۾ ملوث ماڻهن جا فوٽيجز به گهرائي. ترجمان مطابق فوٽيجز جي ذريعي جوابدارن کي سڃاڻي ڪارروائي ڪئي ويندي شرپسند جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا کين گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته وفاقي حڪومت آسيا بي بي جي آزادي خلاف مذهبي جماعتن جو احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ معاهدي کي عارضي حل قرار ڏئي ڇڏيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان وٽ ڌرڻا ختم ڪرڻ لاءِ ٻه آپشن هئا، فورس استعمال ڪيون ها ته ماڻهن جي مارجڻ جي خدشو هو، رياست کي ائين نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو، جنهن ۾ ڪجهه حاصل ڪبو آهي ۽ ڪجهه ڇڏڻو پوندو آهي. هن حڪومت جو بچاءُ ڪندي چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو رڳو فائر فائٽنگ آهي، في الحال حڪومت جيڪو قدم کنيو آهي اهو مسئلي جو حل ناهي، انتهاپسندي ۽ پرتشدد احتجاجي مظاهرن جو مستقل حل ڳولڻو پوندو. فواد چوڌري واضح ڪيو ته آسيا بي بي کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت فيصلو عدالت ڪندي، حڪومت آسيا بي بي جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي.  پوليس رستا بند ڪرڻ ۽ وڳوڙن جي الزام ۾ تحريڪ لبيڪ جي خادم حسين رضوي ۽ پير افضل قادري سميت 500 ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتا ڪجهه ڏينهن اڳ آسيه بي بي کي آزاد ڪرڻ خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه خادم حسين رضوي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو هو ۽ پاڻ لاهور ۾ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪئي هئي. ذريعن موجب لاهور پوليس شهر ۾ رستا بلاڪ ڪرڻ ۽ وڳوڙ ڪرائڻ جي الزام ۾ 11 ايف آءِ آر داخل ڪيون آهن جڏهن ته افضل قادري ۽ خادم رضوي جي ايف آءِ آر سيل ڪئي ويئي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته تحريڪ لبيڪ جي ٻنهي اڳواڻن جي خلاف امن خراب ڪرڻ ۽ روڊ رستا بند ڪرڻ جو الزام آهي.  آسيه بي بي کي آزاد ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ اسلام آباد ۾ تشدد جي مظاهرن ۽ قانون ٽوڙڻ تي ڪيس داخل ڪيا ويا ڇنڇر تي ترامڙي چوڪ تي مظاهري ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جي خلاف ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا دهشتگردي، پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪيا ويا. ايف آءِ آر مطابق مڇريل مظاهرين سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچايو. ايف آءِ آر موجب گاڏين کي نقصان پهچائڻ کان روڪڻ تي مظاهرين سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملو ڪيو ڪيسن ۾ مذهبي جماعتن جي 20 ڪارڪنن سميت 100 کان وڌيڪ اڻڄاتل ماڻهو نامزد ڪيا ويا.1

ھي به ڏسو

اسان جي وڏن قربانيون ڏئي ملڪ آزاد ڪرايو، ان جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

کپرو (رپورٽ: الھڏ نو راڄڙ) حر جماعت جو روحاني پيشوا اعليٰ حضرت پير سيد صبغت …

قوم کي هٿياربند فوج تي فخر آهي ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے