سنڌ

دادو بي سيڪشن پوليس جي ڪارروائي 3 رڪني گينگ گرفتار، موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل فون هٿ

دادو(رپورٽ:علي گل چنا)دادو بي سيڪشن پوليس اسٽريٽ ڪرمنل جي 3 رڪني گينگ کي گرفتار ڪري ورتو، موٽرسائيڪلون ۽ موبائيل فونون هٿ.ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي هدايت تي دادو بي سيڪشن پوليس ايس ايڇ او مشتاق احمد عالماڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪندي گروهه کي گرفتارڪري ورتو، ڪارروائي ۾ دادو جي شهري محمد علي سومرو کان موبائيل فون ڦرڻ جي ڪوشش ڪندي جوابدار محمد علي عرف صمد خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن واقعي ۾ ملوث ٻين ساٿين ۽ واقعي جو طريقو به ٻڌايو.بي سيڪشن پوليس وڌيڪ ڪارروائي ڪندي موبائل نيچر گروپ جي ٻن جوابدارن فاروق بروهي ۽ جوابدار ڪاشف عرف ڪاشي وگهيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي جوابدارن جي قبضي مان شهرين کان چوري ڪيل 2 سمارٽ موبائيل فون ۽ واقعي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل پڻ  هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدارن خلاف ايف آءِ آر دادو بي سيڪشن تي درج ڪئي وئي آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button