سنڌ

سڪرنڊ ۾ دوست هٿان دوست قتل،جوابدار گرفتار،ڏوهه جواعتراف

سڪرنڊ(رپورٽ: مسعود عمراڻي) سڪرنڊ ۾ 30 ورهين جي جوابدار عطاءُ الله چانڊيو پنهنجي 26 ورهين جي گهاٽي دوست سرمد عمراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. نوجوان جو لاش سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ٻِگهاٽ موريءَ وٽان هٿ آيو جتان لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو. جتي ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ايس ايڇ او سڪرنڊ ثناءُ الله پنهور ڪارروائي ڪري جوابدار عطاءُ الله چانڊيو کي گرفتار ڪري مٿس قتل جي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي. ايس ايڇ او ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار قتل جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته مقتول سرمد منهنجو دوست هو مان کيس منع ڪندو هئس ته ٻئي ڪنهن سان نه ڳالھاءِ، ڇاڪاڻ جو مونکي اها ڳالھه پسند نه هوندي هئي. پر منع ڪرڻ باوجود هُو ٻين سان ڳالهائيندو هو جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي کيس گوليون هڻي قتل ڪيم. هن ٻڌايو ته فريادي يامين عمراڻي جيڪو مقتول جو چاچو ۽ سُهرو به ٿئي تنهن ڄاڻايو آهي ته ڪالھه شام عطاءُ الله چانڊيو سرمد کي گهران گهمڻ جي بهاني وٺي وڃي قتل ڪيو آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button