بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ڀرسان ھوسڙي ٿاڻي جي حد ۾نوجوان ڳلو ڪپي زخمي، گهر ٻاهران هٿ

حيدرآباد(اسٽاف:رپورٽر)حيدرآباد ڀرسان ھوسڙي ٿاڻي جي  حد ۾ اڻڄاتل جوابدار نوجوان جو ڳلو ڪپيل زخمي حالت ۾ گھر ٻاھران ڦٽو ڪري فرار، ڳوٺ ملاح موري جو رھواسي عرفان ملاح ڳلو ڪپيل بيھوشي واري حالت ۾ گھر ٻاھران مليو، وارثن جو چوڻ ھو ته زخمي عرفان ملاح جي ٻن ڏينھن کان پوءِ شادي جو پروگرام رکيل آھي، وارثن پوليس کي بيان ۾ چيو ته زخمي نوجوان گذريل ڏينھن شام جو گھران نڪتو، رات دير تائين گھر نه پھچڻ تي ڳولا بعد  گھر جي پاسي بيھوشي واري حالت ۾ مليو ھوسڙي پوليس جو چوڻ ھو ته واقعي جي شروعاتي رپورٽ داخل ڪري زخمي کي علاج ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آھي، واقعي جي ھر رخ سان جاچ ڪئي پئي وڃي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button