بريڪنگ نيوزقومي

آءِ ايم ايف سان ڊيل جا اثر، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، ڊالر سستو ٿي ويو، سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ

ڪراچي/ اسلام آباد (بيورو/ اين اين آءِ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پهريون ڀيرو ڪاروبار جي شروعات تي تاريخ لکجي وئي. آءِ ايم ايف سان 3 ارب ڊالرن جي ڊيل کانپوءِ ڪاروبار جي پهرئين ڏينهن زبردست تيزي ڏٺي وئي ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاروبار جي 2230 پوائنٽس واڌ سان شروعات ٿي. ڪاروبار جي شروعات تي ئي هنڊريڊ انڊيڪس اوچتو 5.3 سيڪڙو مٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڪاروبار هڪ ڪلاڪ لاءِ روڪيو ويو. ڪاروبار جي شروعات تي ئي هنڊريڊ انڊيڪس 43 هزار جي سطح پار ڪري ويو ۽ انڊيڪس 2068 پوائنٽون واڌ سان 43521 تائين وڃي پهتو. هڪ ڪلاڪ کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي ٻيهر شروعات هاڪاري انداز ۾ ٿي ۽ هنڊريڊ انڊيڪس 5.62 سيڪڙو واڌ سان 43783 تي هليو ويو. عيد جي موڪلن کان اڳ ٿيل آخري ڪاروباري سيشن ۾ 100 انڊيڪس 41 هزار 452 تي بند ٿيو هو. عيد کانپوءِ اڄ پهرئين ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس هڪ ڏينهن ۾ 2446 پوائنٽس جي رڪارڊ واڌ کانپوءِ 43 هزار 899 تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ 38 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 8 ارب 64 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهي. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 318 ارب رپيا وڌي ڪاروبار جي پڄاڻي تي 6 هزار 687 ارب رپيا آهي. هوڏانهن  عيد جي موڪلن کانپوءِ ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو قدر بهتر نظر اچي رهيو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 رپيا سستو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جو قدر 285 رپيا آهي. عيد کان اڳ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو سستو ٿيڻ کانپوءِ 290 رپين تي بند ٿيو هو، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 72 پئسا سستو ٿي 286 رپين 99 پئسن تي بند ٿيو هو. جڏهن ته  ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ به هزارين رپيا لاٿ سامهون اچي وئي. آءِ ايم ايف سان ڊيل کانپوءِ جتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي آئي، اتي ئي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر به سستو ٿي ويو، جڏهن ته هاڻ سون جي اگهه ۾ به وڏي لاٿ رڪارڊ ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 8 هزار 800 رپيا گھٽجڻ کانپوءِ ٻه لک 7 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 7 هزار 544 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 77 هزار 641 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 6 ڊالر واڌ سان 1912 ڊالر في اونس آهي. وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 270 کان 272 رپين تائين اچي وئي آهي سومر تي سينيٽر محمد اسحاق ڊار پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو ملهه بهتر ٿي رهيو آهي هن قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسيڇن ۾ ڪاروبار جي پهرين ڏينهن 2334 پوائنٽس جو اضافو ٿيو مئي جي ڀيٽ ۾ جون ۾ ناڻي واڌ جي شرح 29.4 سيڪڙو تائين اچي وئي هن چيو ته هي شرح مئي 2023 ۾ 38 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي وفاقي وزير چيو ته حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ اوليتي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي جنهن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن.6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button