بريڪنگ نيوزقومي

9 مهينن لاءِ ملندڙ رقم عارضي رليف آهي، اها اسان لاءِ فخر نه پر ڳڻتي جي ڳالهه آهي، دعا آهي ته آءِ ايم ايف سان هي آخري ڊيل هجي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وزيراعظم آءِ ايم ايف سان ڊيل بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو، سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي جي مذمت ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهارڪيو ويو، ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ترميمي بل 2023 پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي لاءِ قانون سازي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، خوراڪ واري عالمي اداري کي اوزار ڪراچي بندرگاهه کان منتقل ڪرڻ جي اين او سي جاري ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، بدقسمتي سان هي پهريون واقعو نه آهي، سوئيڊن حڪومت انهن واقعن جو ڀرپور نوٽيس وٺي ملوث عنصرن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪري، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڊيل فخر نه پر ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، دعا آهي ته هيءَ آخري ڊيل هجي.وفاقي ڪابينا اجلاس سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رڪارڊ تي آڻڻ چاهيون ٿا ته چين طرفان 5 ارب ڊالرن جو قرض ۽ رول اوور ڏنو ويو، چين جي مدد کي وساري نٿو سگهجي، جيڪڏهن چين مدد نه ڪري ها ته اڄ معاملو ڪجهه ٻيو هجي ها.هن چيو ته سعودي عرب به ٻه ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن کان مدد ۾ آرمي چيف اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي تي قوم ۽ ڪاروباري برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته نواز شريف ترقي جو سفر جتي ڇڏيو هو، اتان ٻيهر شروع ٿي رهيو آهي، هاڻ ترقي جو سفر تيز ٿيندو، عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين. وزيراعظم چيو ته 9 مهينن لاءِ ملندڙ رقم عارضي رليف آهي، اها اسان لاءِ فخر جي نه پر ڳڻتي جي ڳالهه آهي، دعا آهي ته آءِ ايم ايف سان اسان جي هيءَ آخري ڊيل هجي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button